فريال ٽالپور جي سردار منظور احمد پنهور جي خاندان سان تعزيت

جيڪب آباد (ن س ) پاڪستان پيپلز پارٽي وومين ونگ جي صدر محترمه فريال ٽالپور پيپلز پارٽي جي مرحوم اڳواڻ سردار منظور احمد پنهور جي خاندان سان تعزيت ڪرڻ لاءِ جيڪب آباد پهتي. جيڪب آباد ۾ محترمه فريال ٽالپور مرحوم سردار منظور احمد پنهور جي پٽ اورنگزيب پنهور ۽ ٻين گهرڀاتين سان تعزيت ڪئي. ان موقعي تي محترمه فريال ٽالپور مرحوم سردار منظور احمد پنهور جي لاءِ فاتحه خواني پڻ ڪئي. هن چيو ته مرحوم سردار منظور پنهور هڪ اصول پرست انسان هو ۽ سندس اصولن جي ڪري ماڻهو کيس عزت جي نگاهه سان ڏسندا هئا. تعزيت جي موقعي تي پ پ ايم اين اي اعجاز جکراڻي، چنگيز خان جکراڻي، ايم پي اي سهراب خان سرڪي، ايم پي اي ممتاز خان جکراڻي، ايم پي اي اسلم ابڙو، اڳوڻو گهرو وزير سهيل انور سيال، بابل خان ڀيو ۽ ٻيا پارٽين جا اڳواڻ ۽ عهديدار ساڻس گڏ هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو