فتني قوم کي هڪ ئي سبق سيکاريو ته ماريو، گِهليو ۽ باهه ڏيو

نارووال (ويب ڊيسڪ) ن ليگ جي سينيئر نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته ملڪ ۾ شر پکيڙيندڙ فتني قوم کي رڳو هڪ ئي سبق سيکاريو ته ماريو، گِهليو ۽ باهه ڏيو، نواز شريف خلاف سازش ڪندڙ گهر هليا ويا. نارووال ۾ جلسي کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته مون کي چئني پاسن کان عوام نظر اچي رهيو آهي، اڄ هتي اچي ڏاڍي خوشي ٿي رهي آهي. هن چيو ته نواز شريف خلاف ڪهڙي سازش نه ٿي، ڪهڙو ظلم نه ٿيو، نواز شريف پنهنجو معاملو الله تي ڇڏي ڏنو هو، اڄ سازش ڪندڙ گهر هليا ويا ۽ هڪ ليڊر شينهن جيان بيٺو آهي.سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ باني کي قومي راز کپائڻ تي سزا ٿي، اڄ ان جي گهرواري کي به سزا ٿي، ڇا کيس چوري تي ان ڪري ڇڏيو وڃي ته هوءَ وزيراعظم جي گهرواري هئي؟ مان پي ٽي آءِ باني جي گهرواري جي گرفتاري تي خوش ناهيان.

پهنجو تبصرو موڪليو