غيرقانوني عمارت جي الاٽمينٽ منسوخ، وڏيون عمارتون ٺاهڻ جو فيصلو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر جي صدارت هيٺ هڪ فالو اپ اجلاس ۾ شهر ۾ هلندڙ ترقياتي ڪمن جو جائزو ورتو ويو ۽ لياقت آباد سپر مارڪيٽ جي جاءِ تي رهائشي ۽ ڪمرشل بلڊنگ ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو جنهن ۾ مسواڙن جي حقن جو تحفظ پڻ ڪيو ويندو جهڙوڪه پاڪستان، ڪليٽن ۽ جهانگير ڪوارٽرز لاءِ فيصلو ڪيو ويو. لياقت آباد سپر مارڪيٽ: ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب ۽ ميونسپل سيڪريٽري منظور شيخ وڏي وزير کي ٻڌايو ته سندس هدايتن تي هنن لياقت آباد سپر مارڪيٽ جو دورو ڪيو جيڪا هڪ ايڪڙ کان گهٽ ايراضيءَ تي ٺهيل هڪ پراڻي چار ماڙ عمارت آهي جتي اٽڪل 900 ماڻهو رهواسي آهن. مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪي ايم سي هارڊي لياقت آباد جي مرڪز ۾ واقع لياقت آباد سپر مارڪيٽ ۾ 700 دڪانن مان 5.3 ملين رپيا ڪمايا. وڏي وزير چيو ته صوبائي حڪومت پنهنجي بجيٽ مان يا پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت وڏيون رهائشي ۽ ڪمرشل عمارتون ٺاهي سگهي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته نئين عمارت ۾ حقيقي مسواڙ ڏيندڙن مالڪن جو خيال رکيو ويندو. وڏي وزير چيو ته نئين بلڊنگ ۾ آفيسون، دڪان ۽ رهائشي اپارٽمنٽ هوندا جتي سرڪاري ۽ خانگي آفيسن ۾ دلچسپي رکندڙ ماڻهن کي دڪان ۽ اپارٽمنٽ الاٽ ڪيا ويندا ۽ رهائشي فليٽ پڻ هوندا. پلاٽ جي الاٽمينٽ منسوخ: وڏي وزير سندس حڪم جي روشني ۾ شاهراهه فيصل تي اسٽار گيٽ آڏو تعمير ٿيندڙ عمارت جي صورتحال کان آگاهه ڪيو. ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب وڏي وزير کي ٻڌايو ته عمارت ڪمرشل پلاٽ نمبر 14، اسٽريٽ نمبر 01، موري خان ڳوٺ، شاهه فيصل ٽائون ۾ 417.31 گز تي ٺاهي پئي وڃي. ميئر چيو ته ڄاڻايل پلاٽ/ عمارت کي ڪي ايم سي جي ڪچي آبادي کاتي پاران ماڻهن کي الاٽ ڪيو ويو. هن وڌيڪ چيو ته ڪي ايم سي الاٽمينٽ آرڊر رد ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي عمارت جي اڳئين حصي کي بلڊوز ڪري چڪي آهي. وڏي وزير ميئر جي واکاڻ ڪندي کيس هدايت ڪئي ته ٻيهر شهر جي اهم روڊ شاهراهه فيصل تي اهڙا ڪمرشل پلاٽ الاٽ نه ڪيا وڃن. شاهراهه فيصل جي خوبصورتي: وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته شاهراهه فيصل جي خوبصورتي جو ڪم آرڪيٽيڪٽ ۽ ماهرن جي مشاورت سان شروع ڪيو ويو آهي جنهن ۾ وڻن، گلن ۽ ٻيا خوبصورت ٻوٽا پوکڻ لاءِ ڪي ايم سي جي وڻڪاري کاتي جي سهڪار کان علاوه بيوٽيفڪيشن جا مختلف ڪم شروع ڪيا ويا آهن. وڏي وزير ڪي ايم سي ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته شهر ۾ اسٽريٽ لائيٽس کي بهتر ۽ کين خوبصورتي کي بهتر بڻايو وڃي ۽ ان جي باقاعده سار سنڀال به ڪئي وڃي. هن سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ کي هدايت ڪئي ته صفائي سٿرائي، ڪچرو گڏ ڪرڻ ۽ روڊن جي ڌوئڻ کي وڌيڪ بهتر بڻايو وڃي. وڏي وزير چيو ته مان شهر ۾ صفائي جي ڪمن مان مطمئن نه آهيان. فلڪناز اپارٽمنٽ جي مرمت: سنڌ جي وڏي وزير شاهراهه فيصل تي واقع فلڪناز اپارٽمنٽ جي سيپيج ٽريٽمينٽ جي اڳڀرائي جو جائزو وٺندي ايس بي سي اي پاران ڪم شروع نه ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. جسٽس باقر ايس بي سي اي کي هدايت ڪئي ته ٻن ڏينهن ۾ معياري ڪم شروع ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ ايس بي سي اي آفيسرن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. حددخلين جو خاتمو: وڏي وزير چيو ته شهر جي سمورن اهم ۽ علائقن کي ڳنڍيندڙ روڊن تي گهڻي ڀاڱي حددخليون ٿي چڪيون آهن. وڏي وزير چيو ته اها انتهائي افسوسناڪ صورتحال آهي ته اسان پنهنجي اهم روڊن، گهٽين ۽ پارڪن جي به حفاظت نه ڪري سگهيا آهيون. سيڪريٽري بلديات وڏي وزير کي ٻڌايو ته هن شهر جي سمورن ٽائونز کي خط لکي کين هدايت ڪئي آهي ته هو پنهنجن پنهنجن شهرن مان حددخليون هٽائڻ ۾ ڪي ايم سي سان تعاون ڪن. چيئرمين پي اينڊ ڊي شڪيل منڱڻيجو تجويز پيش ڪئي ته ٽائونن کي سندن علائقن مان حددخليون هٽائڻ لاءِ فنڊ فراهم ڪيا وڃن. هن چيو ته ٽائون انتظاميا حددخلين جي خاتمي لاءِ بجيٽ تجويزون موڪلي ڇڏيون آهن. وڏي وزير سيڪريٽري بلديات کي هدايت ڪئي ته شهرين جي مطالبي تي 30 سيڪڙو فنڊ فراهم ڪيا وڃن ته جيئن حددخليون ختم ڪرڻ، ٻوٽا پکڻ ۽ روڊن، فوٽ پاٿن ۽ نيڪال سسٽم کي بهتر بڻايو وڃي. وڏي وزير ميئر ڪي ايم سي کي هدايت ڪئي ته هوءَ هٿ گاڏن لاءِ مخصوص جاءِ تي هڪ مارڪيٽ تيار ڪن. هن مرتضيٰ وهاب کي پنهنجي تجويز پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ٽريفڪ انجنيئرنگ بيورو: وڏي وزير ٽريفڪ سگنل سسٽم جي اپ گريڊيشن شروع ڪرڻ ۽ ان جي مجموعي نيٽ ورڪ کي بهتر بڻائڻ لاءِ ٽريفڪ انجنيئرنگ بيورو ڪي ڊي اي کي 50 ملين رپين جي ون ٽائم گرانٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي. نالن جي صفائي: وڏي وزير ڪي ايم سي ۽ ڊي ايم سيز جي مختلف نالن جي حالت جو جائزو وٺندي چيو ته مسئلن سبب سمورا لاڳاپيل ادارا پئسا وٺي رهيا آهن، هاڻي اهو مسئلو هميشه لاءِ حل ڪيو وڃي. وڏي وزير مڪاني ادارن واري وزير مبين جماڻي جي سربراهي ۾ هڪ ڪميٽي جوڙي جنهن ۾ ميئر ڪراچي ۽ سيڪريٽري بلديات منظور شيخ شامل آهن. ڪميٽي نالن جي حالت جو جائزو وٺندي، لاڳاپيل اداري مالڪي لهندي نالن کي صاف ڪرڻ لاءِ نه رڳو هن ڀيري پلان ٺاهيندي پر مستقبل لاءِ به اهو ايس او پي هوندو. حب ڪينال: وڏي وزير چيو آهي ته حب ڪئنال جي خراب حالت سبب اولهه، سينٽرل ۽ ڪيماڙي ضلعن جي عوام جو پيئڻ جو 30 سيڪڙو پاڻي حب ڊيم مان ضايع ٿي رهيو آهي. جسٽس باقر ايم ڊي واٽر بورڊ صلاح الدين کي هدايت ڪئي ته سمري بلديات کاتي ذريعي ايندڙ ڪابينا کي موڪلي وڃي ته جيئن منصوبي تي فيصلو ٿي سگهي. هن وڌيڪ چيو ته مان ان جو ڪم جلد کان جلد شروع ڪرڻ چاهيان ٿو ته جيئن 100 ايم جي ڊي کي حب مان صحيح نموني شهر ۾ آندو وڃي جنهن کانپوءِ ڪابينا فيصلو ڪندي ته ڪم ڪيئن شروع ڪيو وڃي. لياري جنرل اسپتال: سيڪريٽري ورڪس نواز سوهو وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي چيو ته هن لياري جنرل اسپتال جي عمارت جو دورو ڪيو آهي، عمارت جي حالت افسوسناڪ آهي. ان کان علاوه ڇت جي سليب ۽ ڀيم جي مجموعي حالت خراب آهي جڏهن ته زنگ لڳل لوهه جا اسٽيل پائپ ۽ نيڪال لائينن مان پاڻي وهندي نظر اچي رهيو آهي جيڪي ڇت جي سليب ۽ ڀيم کي متاثر پڻ ڪري رهيو آهي. ڇت جي ڪالمن تي پاڻي لڳڻ سبب سليب گندا ٿي رهيا آهن جنهن جي نتيجي ۾ لوهه کي زنگ لڳڻ ڪري ڪنڪريٽ ۽ اسٽيل ختم ٿي ويو آهي. سيڪريٽري ورڪس نواز سوهو ٻڌايو ته گرائونڊ فلور تي ڪيترن ئي هنڌن تي سڙيل لوهه ٽڪڙا ٽڪڙا ٿيو پيو آهن، مختلف هنڌن تي فرش جي ڇت تان پاڻي هيٺ اچي رهيو آهي جڏهن ته ايڪسري وارڊ ۾ متاثر ڀيم ۽ ٽينشن زون ڳڻتي جوڳو آهي. گائنيڪالوجي وارڊ -2 ۾ ڪارنر ڀيم اسپيشلسٽ ٽيم پهرين، ٻي ۽ ٽئين ماڙ تي پلستر کي هٽايو ته جيئن گائنيڪالوجي وارڊ جي ڀيم جي ٻن مختلف هنڌن تي شمٽ هيمر ٽيسٽ ڪري سگهجي. شمٽ هيمر جي رپورٽ ڏيکاري ٿي ته ڪنڪريٽ جي پنهنجي طاقت برقرار آهي جڏهن ته اسٽيل ڄار خراب ٿي چڪو آهني، ڪنڪريٽ ۽ اسٽيل وچ ۾ ڪوبه سٻنڌ نه آهي. اهڙا ڪيترائي نشان ڇت ۾ پڻ نظر اچن ٿا ۽ ڪنڪريٽ جا ڀريل ٽڪڙا به نظر اچن ٿا جيڪي ڪنهن به وقت ڪري سگهن ٿا. ڇاڪاڻ ته عمارت تمام پراڻي هجڻ سبب مرمت نه ٿي سگهي پر تنهن هوندي عمارت جي مضبوطيءَ لاءِ ٻين کان پڻ راءِ طلب ڪئي وئي آهي ته ان جي مرمت يا تعمير جو حتمي فيصلو ڪيو وڃي. وڏي وزير سيڪريٽري ورڪس کي هدايت ڪئي ته اسپتال جي عمارت جي بحاليءَ لاءِ تفصيلي تجويز پيش ڪئي وڃي پر تعميراتي ڪم سبب اسپتال جي او پي ڊي هلائڻ ۾ ڪابه رڪاوٽ نه اچي سگهي. سول اسپتال ڪراچي: سيڪريٽري ورڪس وڏي وزير کي ٻڌايو ته آرٿو، سرجيڪل ۽ انٽيسيو ڪيئر، ميڊيڪل، انٽيسيو ۽ ڪورونري يونٽن ۾ سار سنڀال ۽ مرمت جو ڪم ڪيو ويو جنهن ۾ ڀتين جي ٽائلنگ، فنگس کي ختم ڪرڻ لاءِ ڇت جي مرمت، سڀني فرشن کي ٻيهر ٽائلون لڳائڻ ۽ مرمت/بحالي، هر قسم جي بجليءَ جي ڪمن سان واشنگ روم تيار ڪرڻ، نوان دروازا ۽ دريون صحيح ڪرڻ شامل آهن. ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي پر ڪجهه مرمت جو ڪم جاري آهي. اسپينسر آءِ اسپتال: ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب بند پيل اسپينسر آئي اسپتال جي اڳڀرائي بابت وضاحت ڪندي چيو ته هن وڏي وزير جي هدايتن تي او پي ڊي شروع ڪري اسپتال کي فعال بڻايو آهي. وڏي وزير چيو ته اسپينسر آءِ جي اسپتال هڪ بهترين سهولت هئي جنهن کي وقت گذرڻ سان انکي نظرانداز ڪندي مڪمل بند ڪيو ويو. هن ميئر کي هدايت ڪئي ته اسپتال کي مڪمل طور تي فعال بڻائڻ لاءِ ذاتي ڪوششون ڪيون وڃن. سوڪ سينٽر: سوڪ سينٽر، ڪي ڊي اي جي عمارت خراب حالت ۾ آهي جنهن لاءِ وڏي وزير ڊي جي ڪي ڊي اي کي هدايت ڪئي ته عمارت جي مرمت ڪري ان جي چوڌاري گهٽين کي بهتر بڻايو وڃي. سيڪريٽري بلديات منظور شيخ وڏي وزير کي ٻڌايو ته ڪي ڊي اي جي عمارت ۾ واقع سرڪاري آفيسن جي مسواڙ ائٽ سورس ذريعي گهٽائڻ جي منظوري لاءِ سمري کيس موڪلي وئي آهي. وڏي وزير چيو ته هو سمري جي منظوري ڏيندو ۽ سِوڪ سينٽر ۾ واقع لاڳاپيل سرڪاري آفيسن کي هدايت ڪئي ته سندن مسواڙ جون رهتون ادا ڪيون وڃن. سمورن پارڪن جي بهتري: ميئر وڏي وزير کي ٻڌايو ته ڪي ايم سي سندس هدايتن تي هل پارڪ جو ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته هنن پرائيويٽ پارٽنر جي سهڪار سان سمورن پارڪن کي ڊولپمينٽ ڪرڻ جي پڻ رٿابندي ڪئي آهي. وڏي وزير ميئر کي هدايت ڪئي ته شهر جي مجموعي ماحول کي بهتر بڻائڻ لاءِ مختلف هنڌن تي وڻڪاري ڪئي وڃي. ميئر چيو ته هن گٽر باغيچي ۾ هڪ علائقي جي نشاندهي ڪئي آهي جتي شهري ٻيلو ٺاهيو ويندو. پلاسٽڪ جي ٿيلهين تي پابندي: وڏي وزير چيو ته پوليٿين بيگ نالن کي بند ڪري رهيا آهن ان تي پابندي لڳائي وڃي. هن ماحوليات کاتي کي هدايت ڪئي ته هو کيس هڪ پروپوزل موڪلي ته ڪيئن پلاسٽڪ جي ٿيلهين تي پابندي لڳائي وڃي ۽ لاڳاپيل ماڻهن جي ڪاروبار ۽ روزگار کي ڪيئن بچايو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو