غوث پور ۾ جاگيراڻين جي پراڻي تڪرار تان ميٽرڪ جو شاگرد قتل

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ غالب بلوچ) غوثپور شهر جي مين بس اسٽينڊ ڀرسان نامعلوم هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏهين ڪلاس جي شاگرد کي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو خبرموجب غوثپور ۾ اڻ ڄاتل ھٿياربندن ڏھين ڪلاس جي شاگرد مشتاق احمد جاگيراڻي کي گوليون ھڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا۔ مقتول نوجوان کير جو واپاري به ھو ۽ اڄ پيپر نه ھجڻ سبب مقامي ھوٽل واري کي کير وڪرو ڪرڻ آيو ته اڳواٽ لڪل ھٿيار بندن کيس گوليون ھڻي قتل ڪيو. پوليس ذريعن ٻڌايو آھي ته واقعو جاگيراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ھلندڙ تڪرار سبب پيش آيو. پوليس نوجوان جي لاش کي اسپتال کڻائي سندس پوسٽ مارٽم ڪرائي لاش وارثن حوالي ڪيو. لاش گهر پهچڻ تي روڄ راڙو مچي ويو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو. ياد رهي ته ٻہ سال اڳ دراني مھرٿاڻي جي حد جي رھائشي جاگيراڻي برادري سان واسطورکندڙ مرادعلي ۽ جيئندجاگيراڻي ڌرين وچ ۾ چئوپائي مال تان شروع ٿيل جھيڙو جيڪو ڪجھ وقت ٺاپر اچڻ بعدھڪ ڀيرو ٻيھر شروع ٿيڻ جي نتيجي ۾ اڄ غوثپور شھر۾ مشتاق احمد جاگيراڻي کي ھوٽل تي چانھ پيئندي گولين جونشانو بڻايو ويو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو