غوثپور ۾ حادثي ۽ مدئجي ۾ جهيڙو1 فوت 20 زخمي،13 گرفتار

ڪراچي(نمائندن وٽان) غوثپور لڳ روڊ حادثي ۽ مدئجي ۾ پلاٽ تان جهيڙن جي ٻن ڌار اڌر پيش آيل واقعن ۾ هڪ فوت ۽ 20 ٻيا زخمي ٿي پيا آهن. غوث پور مان عبدالنبي ملڪ موجب انڊس ھا۽ وي تي مکواڻي لاڙو ڀرسان سکر کان ڪشمور تعزيت ڪرڻ لا۽ ويندڙ ملڪ برادري جي ماڻھن سان ڀريل تيز رفتار سوزوڪي ڪلٽي ٿيڻ سبب گلبھار ملڪ ٿڏي تي چيڀاٽجي فوت ٿي ويو، جڏھين ته چارعورتن، سوناري، زليخان،گلناز، حنيفان ۽ ٽن مردن سجاد، الطاف ۽ علي مراد  سميت اٺ ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا. واقعي جي اطلاع بعد فوتي ۽ زخمين کي غوثپور پوليس کڻائي شھر جي رورل ھيلٿ سينٽر ۾ آندو، جتي زخمين کي ابتدائي طبي امداد ڏيئي ڪنڌڪوٽ سول اسپتال مان ايمبولنس گھرائي کين سکر موڪليو ويو. ڊاڪٽرن موجب زخمين مان ٻن جي حالت نازڪ آھي. هوڏانهن مدئجي مان نويد دل ٻڌايو آهي ته بس اسٽينڊ وٽ ھوٽل تي ويٺل شر برادري جي ٻن ڌرين ۾ پلاٽ جي معاملي تان جهيڙو ٿيو، لٺين ۽ سروٽن جي وسڪاري سبب ٻنھي ڌرين جا 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا. جن ۾ رجب، ھزارو علي گل، جبار، رزاق، جانو ۽ گنبو شر شامل آھن. ھوٽل تي ويٺل ماڻھن زخمن کي اسپتال پھچايو. ٻئي ڌر جا نالا نه ملي سگهيا، جهيڙي بعد مدئجي پوليس  ڳوٺ تاج محمد شر تي چڙھائي ڪري 13 ڄڻن، نورحسن، حنيف، ياسين، رند علي، سلام، مور، سچل، اصغر، نواز، بھادر، تاج محمد شر ۽ ٻين کي گرفتار ڪري لاڪب ڪري ڇڏيو. گرفتار ٿيلن جي آزادي لاءِ شر برادري جي عورتن مدئجي بس اسٽينڊ تي ٽائرن کي باھيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو ھنيو. مدئجي پوليس جي، ڊي ايس پي ذوالفقار پٺاڻ پوليس اٽالا ساڻ ڪري ڌرڻي واري ھنڌ پھتو ته شر برادري جي ڏنڊا بردار عورتن پوليس کي ڀڄائي ڪڍيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو