غوثپوراوڳاھي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ست ڄڻا سخت زخمي

غوثپور۔ ( عبدالنبي ملڪ ) ڳوٺ ملان مينھون اوڳاھي ۾ زمين جي دنگ ڪڍڻ تان اوڳاھي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو۔ جھيڙي دوران ڪھاڙيون ۽ لٺيون لڳڻ سبب ٻنھي ڌرين جا ست ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا۔ زخمين ۾ اسماعيل ۔رتو خان۔ عبدالجبار۔صالح۔عبدالرحيم ۽ محمد صديق سميت ٻيا شامل آھن۔ جن کي وارث کڻائي شھر جي سرڪاري اسپتال ۾ آندو جتي کين ابتدائي طبي امداد ڏني پئي وڃي۔ زخمين مان ٻن ڄڻن عبدالرحيم ۽ محمد صديق جي حالت نازڪ ھجڻ سبب کين لاڙڪاڻي اسپتال موڪليو ويو۔ پوليس واقعي جي اين سي داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪري رھي آھي۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو