يروشلم (ويب ديسڪ)غزه جي پٽي ۾ اسرائيلي فوج جي بمباري ۾ حماس جي ڪمانڊر سميت 20 فلسطيني مارجي ويا آهن. ڪيترن سالن بعد فلسطين ۾ هي وڏي خونريزي آهي جنه ۾ هڪ ڏينهن ۾ ايتريون جانيون ضايع ٿيون آهن. اسرائيلي فوج جي دعويٰ آهي ته سندن فوج مٿان راڪيٽ فائر ڪيا ويا جنهن سبب حماس جي 8 جاين کي نشانو بڻايو ويو آهي ۽ مارجي ويل شدت پسند هئا. غزه جي اترين پاسي هڪ نامعلوم ڌماڪي ۾ هڪ ئي خاندان جا 7 ڀاتي فوت ٿي ويا آهن جن ۾ 3 ٻارڙا به شامل آهن. اسرائيل ۾ قبله اول مسجد الاقصيٰ ۾ آخري جمعي تي القدس ڏينهن جي موقعي تي فلسطيني مسلمان جڏهن عبادت ۾ مصروف هئا ته اسرائيلي فوج کين روڪيو ۽ جهڙپون شروع ٿيون هيون جن ۾ 300 کان مٿي فلسطيني زخمي ٿيا هئا. اسرائيلي فوج مٿن ڳوڙها گيس، رٻڙ جون گوليون، واٽر ڪينن ۽ اسٽن دستي بم اڇلايا هئا. اسٽن بم سبب ڇند سيڪنڊن لاءِ ماڻهو ٻڌڻ ۽ ڏسڻ جي صلاحيت کان محروم ٿي ويندو آهي. اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو چيو آهي ته جيڪو فوج تي حملو ڪندو ته ان کي ڀرپور جواب ملندو. ياد رهي ته 10 مئي سومر تي اسرائيلي فورسز يروشلم تي 1967 جي 6 ڏينهن واري عرب اسرائيل جنگ ۾ قبضي جو جشن ملهايو، ان موقعي تي اسرائيلي ۽ فلسطيني عوام ڌار ڌار جلوس به ڪڍيا.
عطا تارڙ سان پريس ڪلب جي وفد جي ملاقات،مسئلا حل ڪرڻ جي يقين ڌياني
نوَ سال اڳ قطر سان ڪيل معاهدي جا دستاويز گم ،وزيراعظم جو نوٽيس
ميٽرڪ ۽ انٽر بورڊ جا امتحان مئي ۾ ٿيندا،مرڪزن ويجهو قلم 144 لاڳو هوندو
جيڪسن مارڪيٽ ۾ فوڊ اٿارٽي جي ڪارروائي، سوين ليٽر کير ضايع
جنهن کي ٻوجهه سمجهي ڪلهي تان لاٿو، ان جي ترقي ڏسي شرم ٿو اچي
ڪراچي ۾ ٽريفڪ جي رواني برقرار رکڻ لاءِ اهم قدم کڻڻ جو فيصلو
اليڪشن ڪميشن جو پي ٽي آءِ جي نئين انٽرا پارٽي چونڊن تي اعتراض لاڳو
حامد خان کي پِي اَي سِي ڪميٽي جو چيئرمين بڻائڻ جو فيصلو
فوجي عدالتن ۾ ٻڌڻي، معاملو وري پروسيجر ڪميٽي حوالي
وفاق 4 سالن کان سنڌ کي نون ترقياتي رٿائن لاءِ فنڊ نٿو ڏئي، شاهه
گهوٽڪي ۾ ڌاڙيلن جو پوليس چوڪي تي حملو، اهلڪار شهيد،2 اغوا
نوجوان جو گوليون لڳ لاش ھٿ،وارثن جي ڳولاجاري
آءِ ايم ايف بورڊ جو شيڊول ايندڙ هفتي جاري ٿيڻ جا امڪان
چڪ جي ڪچي مان ٻن هنڌن تان 4 ڳوٺاڻا مبينا اغوا
لڪي مروت ۾ پراڻي تڪرار تان فائرنگ، 6 ڄڻا مارجي ويا
شيخ جي خلاف ڪيس ختم ڪرڻ جي درخواست تي فيصلو محفوظ
موٽر وي ڪرپشن، ضمانت وارين درخواستن تي فيصلو محفوظ
اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي، 100 انڊيڪس 72 هزار جي حد پار
زھر جو خدشو، بشريٰ جون ٽيسٽون ڪرائي پيش ڪريو
آمريڪي سينيٽ،ٽڪ ٽاڪ تي جزوي پابندي جو بل منظور