عورت هڪ ئي وقت 10 ٻارن کي جنم ڏنو

ڏکڻ افريڪا(ويب ڊيسڪ) ڏکڻ افريڪا سان تعلق رکندڙ هڪ عورت هڪ ئي وقت 10 ٻارن کي جنم ڏنو آهي. مقامي ميڊيا مطابق گوسامي ٿامارا نالي 37 سالن جي عورت آپريشن وسيلي 7 پٽ ۽ 3 ڌيئرن کي جنم ڏنو ، هن هڪ ئي وقت ايترن ٻارڙن کي جنم ڏيڻ سان مراڪشي عورت جو عالمي رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آهي. پهريان، اهو رڪارڊ حليما نالي هڪ مراڪشي عورت وٽ هو جنهن هن سال مئي ۾ هڪ ئي وقت ۾ 9 ٻارن کي جنم ڏنو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته عورت جي الٽراسائونڊ ۾ پيدائش کان پهريان اٺ ٻارڙن جي سڃاڻپ ٿي چڪي هئي، جڏهن ته ٻه ٻار اسڪين نه ٿي سگهيا هئا. ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻارن جي والدين خوشي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته کين پهريان کان 6 ورهين جا جاڙا ٻار آهن. گوسامي جو چوڻ هو ته شروعات ۾ هن کي تمام گهڻيون ڏکيائيون هيون پر هن جو حمل بلڪل نارمل هو.

پهنجو تبصرو موڪليو