عورت سميت 3 جوابدارن کي منشيات ڪيس ۾ عمر قيد جي سزا

نوشهروفيروز (رپورٽ منظور ملڪ)فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج عبدالوحيد شيخ جي عدالت چرس جي ڪيس ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٻن مردن ۽ هڪ عورت کي عمر قيد ۽ 5 لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي. سال اڳ نوشھرو فيروز ٿاڻي تي سي آئي اي پوليس سرڪار جي مديت ۾ نارڪوٽڪيس جي قانون تحت 9C جو ڪيس داخل ڪرائيندي موقف اختيارڪيو هو ته نوشھروفيروز سي آئي اي پوليس معمول مطابق گشت ڪري رهي هئي ته مخبر کان اطلاع مليو ته سکر کان ڪراچي طرف ڪار وڃي رهي آھي جنهن ڪار ۾ منشيات آھي اسان نيشنل هاء وي تي ناڪابندي ڪئي ۽ ڪار کي روڪيوسين ته ان ۾ فياض جتوئي ۽ خاني باگڙي سوار هئي تلاشي دوران 50 ڪلو چرس برآمد ٿيو، اڄ عدالت ۾ ٻڌڻي دوران اهڙو ڏوه ثابت ٿيڻ تي جوابدار فياض علي جتوئي ۽ خاني باگڙي کي 25/25 سال عمر قيد ۽ 5 لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آھي

پهنجو تبصرو موڪليو