عمر ڪوٽ ۾ سياسي دنگل، پي پي جو پلڙو وري ڀاري

عمر ڪوٽ(رپورٽ اي بي آريسر)سنڌ جي آخري ۽ ڀارت سان دنگائي ضلعي عمر ڪوٽ ۾ قومي اسمبلي جي هڪ ۽ سنڌ جي صوبائي اسمبلي جي 3 تڪن تي دلچسپ مقابلا ٿي رهيا آهي، قومي اسمبلي جي واحد تڪ اين اي 213 تي ڪل 19 اميدوار آهن. اليڪشن ڪميشن جي ويب سائيٽ تي هن تڪ بابت هي سٽون لکڻ تائين تفصيل عدالتي ڪيسن سبب موجود نه هو.
قومي جي هن تڪ تان پيپلز پارٽي جو نواب محمد يوسف ٽالپر کٽندو رهيو آهي. سندس عمر تمام وڏي آهي جنهن سبب امڪان هو ته هن ڀيري هو پاڻ چونڊ نه وڙهندو ۽ پٽ کي ٽڪيٽ وٺي ڏيندو. جنهن سبب کاڙوڙي جا سيد به سرگرم هئا ۽ اڳوڻو ضلعي ناظم سيد نور علي شاهه، سرتاج علي شاهه به پي پي ٽڪيٽ لاءِ ڪوششون ڪيون، پارٽي ۾ اندوني خلفشار جي خدشي سبب شايد پي پي قيادت نواب يوسف کي ئي ٽڪيٽ ڏني.
ماضي ۾ پي ٽي آءِ جو اڳواڻ شاهه محمود قريشي به هن تڪ تان اليڪشن وڙهي چڪو آهي پر ڪامياب نه ٿيو هو. هن ڀيري آزاد اميدوار طور لال مالهي جنهن کي پي ٽي آءِ، اقليتن۽ قريشي جي غوثيه جماعت جي به حمايت آهي، اهو ميدان ۾ آهي. ٽيون اهم اميدوار مسلم ليگ (ن) جو مير امان الله ٽالپر آهي جنهن کي جي ڊي اي جي به حمايت حاصل آهي. جي ڊي اي مطلب ته اڳوڻو سنڌ جو وڏو وزير ارباب غلام الرحيم ۽ پير پاڳاري جي به کيس حمايت حاصل آهي. ماضي ۾ انهن سڀني جي شاهه محمود قريشي کي حمايت حاصل رهي آهي پر هو کٽي نه سگهندو هو پر ووٽ هڪ لک جي لڳ ڀڳ کڻي ويندو هو.

Screengrab, File photo

سنڌ جو واحد اقليتين جي آبادي واري اڪثريت جي هن ضلعي ۾ ڪل ووٽرن جو تعداد 5 لک 89 هزار 350 آهي جيڪو 2018 جي چونڊن واري تعداد کان هڪ لک 27 هزار 483 وڌيڪ آهن. هن ڀيري سوا لک کان مٿي جيڪي نوان ووٽر رجسٽر ٿيا آهن، اهي اپ سيٽ ڪري سگهن ٿا. 2018 ۾ ٽرن آئوٽ 68 سيڪڙو هو ۽ نواب يوسف هڪ لک 62 هزار 979 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو هو ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي هڪ لک چار هزار 267 ووٽ کنيا هئا. کيس 58 هزار 712 ووٽن جي ليڊ تي شڪست ملي هئي. 1993 کان 2018 تائين جيڪي 6 ڀيرا اليڪشن ٿي انهن ۾ 1997 دوران هڪ ڀيرو پير نور محمد شاهه جيلاني مسلم ليگ (ن) جي ٽڪيٽ تان شڪست ڏني هئي، باقي پنج ڀيرا نواب يوسف ڪاميابي ماڻيندو رهيو آهي. ماضي ۾ اقليتي برادري جو اڪثريتي ووٽ پي پي کي ملندو رهيو آهي پر هن ڀيري لال مالهي جي پوزيشن به ڪافي مظبوط نظر اچي رهي آهي. مير امان الله ٽالپر 2018 جي چونڊ پاڻ نه وڙهي هئي پر مسلم ليگ (ن) جي اميدوار نيلم ڪماري جي حمايت ڪئي هئي جنهن هن تڪ تان صرف پنج هزار ووٽ کنيا هئا. هن حلقي ۾ پنجابي سيٽلرز ۽ فوج ۽ رينجرز وارن جا به ڪافي ووٽ آهن. جن بابت عام خيال آهي ته هو نون ليگ کي ووٽ ڏيندا پر ماضي ۾ هو پي پي کي به ووٽ ڏيندا رهيا آهن. ٽيون اهم اميدوار لال مالهي آهي جنهن صحافت ڇڏي سياست شروع ڪئي آهي. گذريل ڀيري هو اقليتن جي مخصوص سيٽ تي ايم اين اي ٿيو هو ۽ انساني حقن بابت کاتي جو پارلياماني سيڪريٽري به رهيو هو. اقليت سان تعلق هجڻ سبب خيال هو ته اسٽيبلشمينٽ جي دٻاءَ سبب هو اهم پي ٽي آءِ اڳواڻن جيان ڏکئي وقت ۾ عمران خان کي ڇڏي ويندو پر هن سندس ساٿ ڏئي نئون مثال قائم ڪيو آهي. هو عوامي ماڻهون آهي اقليتي برادري جي وسيع حمايت به رکي ٿو. جيڪڏهن نون ليگ جو اميدوار نه هجي ها ۽ جي ڊي اي به سندس حمايت ڪري ها ته پي پي کي تمام گهڻو ٽف ٽائيم ملي ها پر هاڻي به پي پي وارن لاءِ سيٽ کٽڻ ايترو آسان ناهي. ان جو اهم سبب هي آهي ته پارٽي ۾ پسند ۽ نا پسند جي معاملن ۽ نواب يوسف جي صحت ڪمزور هجڻ ڪري هو ڪافي علائقن ۾ پاڻ ورڪ به شايد ماضي جيان ڀرپور نه ڪري سگهندو. محترمه بينظير ڀٽو جي حياتي ۾ سندس هر حڪومت جي ڪابينا ۾ اهم وزارت ملندي هئي. سندس شهادت بعد 2008 ۾ پي پي جي حڪومت اچڻ ۽ بعد پي ڊي ايم جي اتحادي حڪومت ٺهڻ وقت کيس وزارت نه ملي، البته سندس پٽ سنڌ ۾ وزير رهيو پر هو سندس حلقي جي ڪجهه ماڻهن بقول ايترو عوامي ماڻهو ثابت نه ٿيو جيترو نواب يوسف پاڻ هوندو هو. عمر ڪوٽ ضلعي ۾ قومي اسمبلي جي هڪ تڪ کانسواءِ صوبائي جي 3 تڪ آهن.

This map was taken from internet. In this map spelling mistake was observed of Kunri Taulka. Its not Kurni.

پي ايس 49
پٿورو ۽ سامارو جي علائقن تي مشتمل هن تڪ تي ڪل 23 اميدوار آهن، رجسٽرڊ ووٽرن جو انگ 2 لک 96 هزار 677 آهي. اهم مقابلو پي پي جي اڳوڻي تعليم ۽ ثقافت واري وزير ۽ درگاهه کاروڙو شريف جو گادي نشين سيد سردار علي شاهه، سروري جماعت جو علي مراد راڄڙ، پير پاڳاري جي جمايت ۽ جي ڊي اي جو خضر حيات مڱريو ۽ پي ٽي آءِ ۽ غوثيه جماعت جي اڪبر پلي ۾ آهي. 2018 ۾ سيد سردار علي شاهه پاڳاري جي جماعت جي فقير جادم مڱريو مرحوم کي شڪست ڏئي کٽي هئي ۽ 56 هزار 657 ووٽ کنيا هئا. هنکي سروري جماعت ۽ راڄڙ برادري جي به مڪمل حمايت هئي. هن تڪ تي هاڻي به سرادر شاهه فيورٽ سمجهو پيو وڃي، ڇو ته مرحوم جادم جو ڀاءُ خضر حيات ڀاءَ جيان عوامي ماڻهون ناهي. البته پي ٽي آءِ ۽ غوثيه جماعت جو اميدوار سردار شاهه کي ٽف ٽائيم ضرور ڏيندو. علي مراد راڄڙ هالا جي مخدومن جو مريد آهي ۽ ان کي سردار شاهه پنهنجي حمايت ۾ هٿ کڻائي ويندو.
پي ايس 50
عمر ڪوٽ شهر واري هن تڪ تي به 22 اميدوارن فارم ڀريا آهن پر پي پي اميدوار سيد امير علي شاهه جي پوزيشن مضبوط نظر پئي اچي. سيد علي مردان شاهه جي هن اڪيلي پٽ سان مقابلي ۾ پي ٽي آءِ جو ليکراج مالهي، جي ڊي اي جو غلام النبي مڱريو جيڪو خليفي قادر بخش جو ڀاءُ آهي. هتي جيڪڏهن پي ٽي آءِ ۽ جي ڊي اي جو گڏيل اميدوار هجي ها ته پي پي اميدوار کي ٽف ٽائيم ملي ها. هن تڪ تان 2018 ۾ مرحوم سيد علي مردان شاهه ڪامياب ٿيو هو ۽ اڳوڻي وڏي وزير ارباب غلام الرحيم کي شڪست ڏني هئي. جيتوڻيڪ ارباب کي پاڳاري، غوثيه جماعت ۽ پي ٽي آءِ جي مڪمل حمايت هئي. 2021 ۾ سيد علي مردان شاهه جي وفات بعد ننڍي چونڊ ۾ سندس پٽ امير علي شاهه وري ارباب غلام الرحيم کي 20 هزار کان مٿي جي ليڊ تي شڪست ڏني هئي. امير علي شاهه 8 هزار 968 ووٽ کنيا هئا جڏهن ته ارباب غلام الرحيم کي 30 هزار 832 ووٽ کنيا هئا. هن تڪ تان 1990 ۽ 1997 ۾ 2 ڀيرا فنڪشنل ليگ جو سيد مظفر علي شاهه ڪامياب ٿيو هو ۽ پي پي کي شڪست ملي هئي.
پي ايس 51
ڪنري واري هن تڪ تي 10 اميدوارن فارم ڀرايا آهن پر اصل مقابلو پي پي جي تيمور خان ٽالپر جيڪو نواب يوسف ٽالپر جو پٽ آهي، سندس مد مقابل جي ڊي اي جو دوست محمد ميمڻ آهي. هن تڪ مان 2008، 2013 ۽ 2018 جي چونڊن دوران تيمور ٽالپر لاڳيتو کٽندو رهيو آهي. ميمڻ کي ڪنري شهر جي واپاري برادري جا ڪجهه ووٽ ملندا ۽ پي پي لاءِ ضلعي جي ٻين تڪن جيان هتي به وڏو خطرو ناهي. (ياد رهي ته هن رپورٽ ۾ سنڌيار پاران ڪجهه نئين معلومات به شام ڪئي وئي آهي پرگهڻي ڀاڱي ڊان ۾ شايع ٿيل رپورٽ تي مشتمل آهي)

پهنجو تبصرو موڪليو