اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن عدالت 9 مئي جي واقعن بابت شهزاد ٽائون ٿاڻي ۾ داخل ٻن ڪيسن ۾ ضمانت منظور ڪندي تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي. ايڊيشنل سيشن جج فرخ فريد ٻنهي ڪيسن جو 4، 4 صفحن تي ٻڌل تفصيلي فيصلو جاري ڪيو.فيصلي جي متن ۾ چيو ويو آهي ته پراسيڪيوشن کي ثابت ڪرڻو آهي ته عمران خان خلاف اشتعال انگيز الزام ۽ ڏوهه ۾ ڪو تعلق آهي، پراسيڪيوشن کي ثابت ڪرڻو آهي ته ڏوهه پي ٽي آءِ چيئرمين جي اشاري تي ڪيو ويو.فيصلي جي متن ۾ چيو ويو آهي ته استغاثه موجب عمران خان جو وڊيو بيان ئي ثبوت آهي، پي ٽي آءِ چيئرمين جو بيان واقعي بابت ناهي، سندس بيان ۾ عوام کي ڀڙڪائڻ جي ڪا به ڳالهه ناهي، استغاثه چيئرمين پي ٽي آءِ جا ڪيترائي ٽوئيٽ به ثبوت طور پيش ڪيا. فيصلي جي متن موجب هو واقعي جي وقت گرفتار هو، اهو سوچڻ به عجيب هوندو ته پي ٽي آءِ چيئرمين پاڻ ئي هاءِ ڪورٽ مان گرفتار ٿيو، اهو سوچڻ به عجيب هوندو ته عمران خان جو پاڻ کي گرفتار ڪري تشدد تي ٻڌل ڳجهو منصوبو به عجيب آهي.فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جو نالو اچڻ پوليس جي ناپاڪ ارادن کي ظاهر ڪري ٿو، پوليس عمران خان کي حراسان ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو به مقصد نه ٿي چاهي، شهزاد ٽائون ٿاڻي ۾ داخل ٻنهي ڪيسن ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي ضمانت منظور ٿي چڪي آهي.
