عمران خان پنهنجو نئون ٽارگٽ سنڌ کي بڻائي ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وزيراعظم عمران خان پاران آگسٽ کان سنڌ ۾ سياسي جلسا منعقد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان جا جلسا سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ٿيندا جن دوران وڏيون شخصيتون پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿينديون. ذريعن ٻڌايو آهي ته پ پ مخالف سياسي قوتن سان ملاقاتون ۽ انهن کي شامل ڪرڻ پڻ سنڌ پلان جو حصو هوندو. وزيراعظم عمران خان عيد کانپوءِ سنڌ بابت هڪ ٻيو اجلاس طلب ڪيو آهي جنهن ۾ سنڌ پلان کي حتمي شڪل ڏني ويندي جڏهن ته ساڳئي اجلاس ۾ سنڌ ايڊوائيزري ڪميٽي جا نالا به فائنل ڪيا ويندا. ذريعن ٻڌايو ته وفاقي منصوبن جي عملدرآمد جي رڪاوٽن بابت اهم فيصلا عيد کانپوءِ به ڪيا ويندا. سنڌ حڪومت جي ساٿاري بڻيل ڪرپٽ ڪامورن خلاف ڪاروائي تي به غور ڪيو پيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو