اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني عمران خان هڪ سزا يافته ڏوهاري آهي ۽ رعايتون ڏيڻ بابت خبرون بي بنياد آهن.اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پي ٽي آءِ باني جي ڊيل بابت ميڊيا ۾ ايندڙ خبرن جي سختي سان ترديد ڪئي ۽ چيو ته عمران خان کي ڪنهن به رعايت جو تاثر ڏيڻ مڪمل طور تي غلط آهي.اطلاعات واري وزير واضح لفظن ۾ چيو ته عمران خان بابت نه ته ڪا ڊيل آهي ۽ نه ئي ڪا رعايت، ڊيلن تي ٻڌل انهن خبرن ۾ ڪا به سچائي ناهي.










