عمران خان سان ڪرڪيٽ کيڏڻ پسند ڪندس: ڪانگريس ميمبر

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي ڪانگريس ميمبر جيڪ ايلز چيو آهي ته عمران خان جي صحتياب ٿيڻ جي صورت ۾ هو ساڻس ڪرڪيٽ کيڏڻ چاهيندو.اها ڳالهه آمريڪي ڪانگريس ميمبر جيڪ ايلز پي ٽي آءِ آمريڪا جي اڳواڻ سجاد برڪي ۽ عاطف خان سان ملاقات ۾ چئي.ان موقعي تي پي ٽي آءِ آمريڪا جي اڳواڻ سجاد برڪي ۽ عاطف خان چيو ته آمريڪا پاڪستان ۾ غير آئيني قدمن جي حمايت نه ڪري.هن آمريڪي ڪانگريس ميمبر سان ارشد شريف جي قتل ۽ عمران خان تي قاتلاڻي حملي بابت به ڳالهه ٻولهه ڪئي.آمريڪي ڪانگريس ميمبر جيڪ ايلز پڻ پنهنجي مڪمل حمايت جو يقين ڏياريو.جيڪ ايلز پي ٽي آءِ اڳواڻن کان عمران خان جي صحت بابت پڻ پڇيو.

پهنجو تبصرو موڪليو