رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي پرڏيهي وزير فيصل بن فرحان چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جو سعودي عرب وارو دورو انتهائي اهميت جوڳو آهي.سعودي شهزادو به پاڪستان جي دوري جي خواهش رکي ٿو. خوشي آهي ته پاڪستان اسلاموفوبيا کي منهن ڏيڻ لاءِ بهتر ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان السعود جي خصوصي انٽرويو ۾ وزيراعظم عمران خان جي دوري بابت چوڻ هو ته پاڪستان ۽ سعودي جا 70 سالن تي ٻڌل لاڳاپا تمام گهڻا اهم آهن. وزيراعظم عمران خان جي دوري ۾ واپار، معاشي تعاون تي ڌيان هو. شهزادي محمد بن سلمان پنهنجي دوري ۾ مخصوص پاڪستاني قيدين کي آزاد ڪرڻ جو اعلان ڪيو. وڌيڪ پاڪستاني قيدين جي آزادي بابت قدم کنيا ويندا.هن چيو ته سعودي عرب ماحولياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ لاءِ قدم کڻي رهيو آهي. ٻئي ملڪ ماحولياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ لاءِ ملي ڪم ڪري سگهن ٿا. خوشي آهي ته پاڪستان اسلاموفوبيا کي منهن ڏيڻ لاءِ بهتر ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن اهم مسئلي بابت اسلامي ملڪن ۾ ڳالهيون ضروري آهن. اسلاموفوبيا جي خلاف او آءِ سي جو ڪردار به اهم آهي. ان کان علاوه سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جمعي جي رات وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ڪئي جنهن جي دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڪيترن ئي معاهدن تي به صحيحون ٿيون.سعودي خبرون ڏيندڙ ايجنسي ايس پي اي موجب سعودي شهزاد شهزاده محمد بن سلمان ۽ وزيراعظم پاڪستان عمران خان قصرالسلام جده جي ايوان ۾ ڳالهيون ڪيون. هن پاڪستان ۽ سعودي عرب جي ٻطرفن لاڳاپن جي استحڪام جي موضوع تي ڳالهيون ڪيون. سعودي پاڪستاني اعليٰ رابطه ڪائونسل جي معاهدي تي صحيحون ڪيون. ٻنهي اڳواڻن جي موجودگي ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ ٻن معاهدن ۽ ٻن مفاهمتي ياداشتن تي صحيحون ڪيون ويون آهن.
سينيئر ڪمانڊر شهيد 8 ڪسٽم اهلڪارن جي وارثن سان ملاقات
وردي پائڻ تي مريم خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست،رپورٽ طلب
مريم نواز تي پوليس يونيفارم پائڻ تي ڪيس ٿيڻ گهرجي: سيف
نواز پاران پارٽي کي عوامي سطح تي ٻيهر فعال ڪرڻ جي هدايت
پاڪستان هڪ اهم ساٿي آهي، آمريڪا
اهم رانديگر جي نه کيڏڻ سان فرق پوندو آهي، فخر زمان
جنسي زيادتي جو جرم، فلم پروڊيوسر هاروي وائنسٽن جي سزا رد
واٽس ايپ استعمال ڪرڻ لاءِ انٽرنيٽ جي ضرورت ختم
نوجوانو! سنڌ توهان جي منتظر آهي!!
اڄوڪي-اخبار-2024-04-26
اڄوڪي-اخبار-2024-04-26
اطلاعات کاتي ۾ بدليون ۽ مقرريون، اشتهار ڪابورو حوالي
ملير ۾ ٽينٽ سٽي خالي ڪرائڻ تي مزاحمت ،5 ڄڻا سخت زخمي
نيوي، رينجرز، گورنر ۽ سي ايم آفيسن ٻاهران قبضا ختم ڪريو
نيوزيلينڊ 4 رنز تان ميچ کٽي سيريز ۾ برتري حاصل ڪري ورتي
منهنجي دور ۾ عدليا ۾ مداخلت جي هڪ به شڪايت ناهي ملي
عدليا ۾ مبينا مداخلت خلاف سوموٽو تي ٻڌڻي لاءِ نئين بئنچ قائم
حق نه مليو ته اسلام آباد تي قبضو ڪنداسين: گنڊاپور
سوشل ميڊيا ايپ ٿريڊز، ايڪس کان گوءِ کڻي وئي
سڌ سماءُ واري کاتي ۾ ڊائريڪٽرن جو مقرريون بدليون، نوٽيفڪيشن جاري