عمران جي رستاروڪ، گِل سان ملاقات نه ٿي، احتجاج جو اعلان

عمران جي رستاروڪ، گِل سان ملاقات نه ٿي، احتجاج جو اعلان

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم عمران خان پنهنجي چيف آف اسٽاف شهباز گِل سان ملاقات لاءِ پاڪستان پمز پهتو پر کيس شهباز گِل سان ملاقات جي اجازت نه ملي سگهي . عمران خان جي آمد جي موقعي تي اسپتال ۾ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ ڪئي وئي هئي، عمران خان ملاقات لاءِ اسپتال پهچي چڪو آهي، پر هو پنهنجي گاڏي ۾ ئي موجود رهيو.پمز اسپتال جي ڪارڊيالوجي وارڊ ٻاهران تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن جو به وڏو انگ موجود هو. ٻئي پاسي اسلام آباد پوليس جو چوڻ آهي ته شهباز گِل سان ملڻ جي ڪنهن کي اجازت ناهي ۽ اسپتال ۾ واڌو نفري مقرر ڪئي وئي آهي… پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزير اعظم عمران خان الزام هنيو آهي ته بغاوت ڪيس ۾ گرفتار شهباز گل کي حراست دوران سخت تشدد جو نشانو بڻائڻ سان گڏ کيس جنسي زيادتي جو به نشانو بڻايو ويو آهي عمران خان سوشل ميڊيا تي شهباز گِل جي وڊيو شيئر ڪئي ۽ لکيو ته شهباز گِل کي ٽوڙڻ لاءِ کيس ذليل ڪيو پيو وڃي، شهباز گل سان جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، اُن جا مڪمل تفصيل مون وٽ موجود آهن پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو ته اسلام آباد پوليس چئي رهي آهي ته شهباز گِل تي ڪو تشدد ناهي ڪيو ويو، منهنجو سوال اِهو آهي ته شهباز گِل تي تشدد ڪنهن ڪيو آهي؟ عمران خان چيو ته تصوير ۽ وڊيوز ۾ صاف ظاهر نظر اچي رهيو آهي ته شهباز گل کي ذهني ۽ جسماني تشدد جو نشانو بڻايو ويو آهي، ذميوارن جو پتو لڳائڻ ۽ انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏينداسين پي ٽي آءِ چيئرمين خبردار ڪيو آهي ته شهباز گل سان ٿيل ورتاءُ تي عوام ضرور رد عمل ڏيندو

پهنجو تبصرو موڪليو