عمران جا گرفتاري وارنٽ عارضي طور معطل، 2 آگسٽ تي طلب

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) توهين اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جا گرفتاري وارنٽ عارضي طور معطل ڪندي فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ کيس 2 آگسٽ تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي. 25 جولاءِ تي محفوظ ڪيل فيصلو ڇنڇر تي جاري ڪيو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن 24 جولاءِ تي سندس ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي اسلام آباد پوليس جي آءِ جي کي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. جنهن بعد عمران خان 25 جولاءِ تي اليڪشن ڪميشن ۾ هڪ سال کان هلندڙ ڪاروائي دوران پهريون ڀيرو پيش ٿيو هو. ٻڌڻي بعد فيصلو محفوظ ڪيو ويو هو. ياد رهي ته گذريل سال اليڪشن ڪميشن خلاف توهين آميز ٻولي استعمال ڪرڻ تي عمران خان، اسد عمر ۽ فواد چوڌري خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو هو. ٽنهي اليڪشن ڪميشن جا توهين وارا اختيار مختلف هاءِ ڪورٽس ۾ چيلينج ڪيا هئا ته اهي آئين جي خلاف آهن. جڏهن معاملو سپريم ڪورٽ ۾ آيو هو ته عدالت چيو هو ته اليڪشن ڪميشن ڪاروائي جي مجاز آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو