عمراني ٽولي وٽ 10 سالن جي اقتداري گردش جو پلان هو

عمراني ٽولي وٽ 10 سالن جي اقتداري گردش جو پلان هو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمراني گروپ وٽ 10 سالن جو پاور گردشي پلان هو.اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي بيان تي رد عمل ڏيندي هن چيو ته عمران خان ملڪ جي معيشت تباهه ڪئي، هي ماڻهو مهانگائي جو سبب آهن، هن 2 ڪروڙ ماڻهن کي غربت جي لڪير کان به هيٺ ڪري ڇڏيو.مريم اورنگزيب چيو ته آءِ ايم ايف معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪري ملڪ کي ڊفالٽ جي ڪناري تي پهچايو، ميڊيا تي حملا ڪيا، دهشتگردن کي واپس آندو ۽ پرڏيهي پاليسي تباهه ڪئي.هن وڌيڪ چيو ته عمران خان جي اونداهي دور جون چند جھلڪيون تاريخ ۾ محفوظ آهن، سندس دور ۾ قون ارگمل ۽ طيبه گل جهڙن متاثرين کي وزيراعظم هائوس ۾ قيد ڪيو ويو.سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته هزاره ۽ ساهيوال جي متاثرن کي انصاف نه مليو، عمران خان چيو ته انهن سان بليڪ ميل نه ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو