پشاور (ويب ڊيسڪ)تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير علي محمد خان کي جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو،علي محمد خان کي اڄ موڪل واري ڏينهن مردان جي مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جج ملڪ ذيشان گل پوليس جي جسماني رمانڊ جي درخواست رد ڪري ڇڏي.گذريل ڏينهن پشاور جي اينٽي ڪرپشن عدالت علي محمد خان کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، جنهن بعد کيس هڪ ٻئي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو هو.واضح رهي ته علي محمد خان جوڊيشل رمانڊ تي مردان جيل ۾ آهي.مٿس غير قانوني ڀرتين ۽ خزاني کي 23 لک رپين جو نقصان پهچائڻ جو الزام آهي.
