علي شير راڄپر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ مختلف شهرن ۾ صحافين جو احتجاج

ڪراچي( نمائندن وٽان) ملڪي سطح تي صحافين جي تنظيم ”پي ايف يو جي“ جي سڏ تي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پڊعيدن جي صحافي علي شير راڄپر جي قتل جا مک جوابدار گرفتار نه ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. قتل کي هفتو ٿي ويو آهي پوليس رڳو ٻه ڄڻا گرفتار ڪيا آهن ۽ مک جوابدار ٽائون ڪميٽي جو چيئرمين شڪيل راڄپر کي اڃا گرفتار ناهي ڪيو ويو. مشتاق حسين مري مطابق نوشهروفيروز ۾  صحافين احتجاجي ريلي ڪڍي جيڪا مهراڻ چوڪ کان شروع ٿي ۽ نٽهڻ اُس ۾ شهر مان مارچ ڪري پريس ڪلب پهتي.

ريلي جي اڳواڻي پريس ڪلب جو صدر ايم ظفر تڳر اين ايف يو جي ضلعي صدر زاهد قائم خاني، يونين آف جرنلسٽ فلپوٽو گروپ جي ضلعي صدر ساگر يوسف منگي ۽ ٻين ڪئي. ريلي ۾ شامل قلم ڌڻين کي ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌل هيون. هنن چيو ته پڊعيدن جي بي باڪ صحافي علي شير راڄپر جي قتل جي مک جوابدار ٽائون چيئرمين پڊعيدن شڪيل راڄپر ۽ ٻين جوابدارن کي حڪومتي ڌر سپورٽ ڪري رهي آھي ۽ خيرپور ضلعي جو پ پ اڳواڻ قاتلن کي بچائڻ لاء سرگرم آھي  جنهن خلاف بلاول ڀٽو کي نوٽس وٺڻ گهرجي ۽ فوتي جي وارثن جي مالي سهائتا ڪئي وڃي. ڪنڌ ڪوٽ مان غالب بلچ موجب صحافين  طرفان پڊعيدن ۾ صحافي علي شير راڄپر جي قتل خلاف مسعود عالم سومرو، راجا گوپي چند، غلام ياسين لاشاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو صحافين سخت نعري بازي ڪندي گھربل جوابدارن  کي فوري طور گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو