عليزي شاهه جو شارٽ هِيئر ڪٽ ٽرينڊ تي طنز

عليزي شاهه جو شارٽ هِيئر ڪٽ ٽرينڊ تي طنز

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستاني اداڪاره عليزي شاهه پاڪستاني شوبز انڊسٽري ۾ تيزي سان مقبول ٿيندڙ شارٽ هيئر ڪٽ (ننڍا وار ڪٽائڻ جي) ٽرينڊ تي تنقيد ڪندي سوشل ميڊيا تي هڪ نئين بحث ڇيڙي ڇڏي آهي.تازن سالن ۾ ننڍن وارن جو فيشن اداڪارائن ۾ ڪافي مقبول ٿيو آهي، هن ٽرينڊ کي سڀ کان پهريان هانيه عامر نمايان ڪيو، جنهن ڪيترن ئي ڊرامن ۾ شارٽ هيئر لُڪ اختيار ڪيو، جڏهن ته ڪجهه ڪردارن لاءِ وِگز (Wigs) پڻ استعمال ڪيون، جنهن کانپوءِ سجل علي، صحيفه جبار خٽڪ ۽ صبور علي پڻ ننڍن وارن جو انداز اپنايو.دلچسپ ڳالهه اها آهي ته عليزي شاهه پاڻ به ماضي ۾ باب ڪٽ (Bob cut) ڪرائي چڪي آهي ۽ ڊرامي “تانا بانا” ۾ شارٽ هيئر لُڪ ۾ نظر اچي چڪي آهي، پر هاڻي هن ان ئي ٽرينڊ تي طنزيه انداز ۾ تبصرو ڪيو آهي. پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري ۾ عليزي شاهه لکيو آهي ته “خدا لاءِ اداڪارائن کان متاثر ٿي پنهنجا وار قربان ڪرڻ بند ڪريو، اڌ اداڪارائن وِگز لڳايون هونديون آهن ۽ اڌ وار پن اپ (Pin up) ڪيا هوندا آهن، جنهن هڪ اڌ واقعي وار ڪٽايا به آهن، اهي ته بعد ۾ وِگ لڳائي وٺنديون، پر توهان ماڻهن کي ٻيهر وار وڏا ٿيڻ لاءِ 3 سال انتظار ڪرڻو پوندو، ايترا ننڍا وار ڪٽائڻ هڪ طرح سان پاڻ کي ڏني ويندڙ اذيت آهي.” عليزي شاهه جي ان بيان کانپوءِ سوشل ميڊيا واپرائيندڙن (صارفين) پاران مليل جليل ردعمل سامهون آيو آهي، ڪيترن ئي صارفين چيو آهي ته اهو ٽرينڊ پاڻ عليزي شاهه شروع ڪيو هو ۽ هاڻي هوءَ ان جي ئي خلاف ڳالهائي رهي آهي. ڪجهه ماڻهن وري سندس ڳالهه سان اتفاق ڪندي چيو آهي ته هوءَ ڇوڪرين کي حقيقت کان آگاهه ڪري رهي آهي ته اداڪارائون آساني سان وِگز استعمال ڪري وٺنديون آهن، جڏهن ته عام ماڻهن لاءِ ائين ڪرڻ ممڪن ناهي هوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو