علامه اقبال ايڪسپريس جي انجڻ کي باهه لڳي وئي

رحيم يار خان(ويب ڊيسڪ)ڪراچي کان سيالڪوٽ ويندڙ علامه اقبال ايڪسپريس جي انجڻ ۾ باهه لڳي وئي. ريلوي اختيارين موجب رحيم يار خان ۾ فيروزه ويجهو علامه اقبال ايڪسپريس ۾ باهه لڳڻ جو واقعو پيش آيو، جنهن بعد اپ ٽريڪ تي ٽرينن جي آمد و رفت معطل ڪئي وئي آهي. ريلوي عملدارن جو چوڻ آهي ته مسافر ٽرينن کي مختلف اسٽيشنن تي روڪيو ويو آهي، مسافر ٽرينن کي ڊائون ٽريڪ تان گھذاريو ويندو. ڪو به جاني نقصان ناهي ٿيو، باهه لڳڻ بابت جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو