لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور جي احتساب عدالت پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير عثمان بوزدار جي عبوري ضمانت ۾ 10 اپريل تائين واڌ ڪري ڇڏي.احتساب عدالت ۾ آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي جاچ ۾ عثمان بوزدار جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي.عثمان بوزدار ڪورونا وائرس سبب عدالت ۾ پيش نه ٿي سگهيو.عدالت عثمان بوزدار جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪري ورتي.احتساب عدالت نيب جي جاچ آفيسر کان انڪوائري رپورٽ طلب ڪري ورتي.
