عام چونڊن ۾ کٽيندڙ آزاد اميدوارن جا ٻڪرا پڙي جيان اگهه لڳايا ويندا

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) سينئر سياستدان فيصل واوڊا دعويٰ ڪئي آهي ته آصف زرداري کان سواءِ حڪومت هلائڻ تمام گهڻو مشڪل هوندو. ميدان ۾ هاڻ 2 پارٽيون آهن. پيپلز پارٽي ۽(ن) ليگ هاڻ انهن ٻنهي پارٽين جي ئي گيم آهي. پي ٽي آءِ ته چونڊن کان ئي ٻاهر نڪري وئي آهي.نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته جيڪڏهن الله جي طرفان معجزو ٿيندو ته ايندڙ حڪومت 2 سال هلندي ٻئي صورت ۾ يارنهن کان 12 مهينا رهندي. حڪومت 11 مهينن تائين هلي ته پي ڊي ايم ٽو نه بڻجندي. پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ(ن) گڏ نه ويهنديون. کٽيندڙ ۽ آزاد ميمبر ئي حڪومت جو فيصلو ڪندا. آءِ پي پي جو به ڪردار اهم نظر اچي رهيو آهي. آزاد اميدوارن کي ٽوڙڻ جي ضرورت نه پوندي. اهي هوا جو رخ ڏسي فيصلو ڪندا.هن چيو ته سياسي بورڊ تي ته آصف زرداري ماهر آهي. ايوان صدر ۾ ان جون تصويرون لڳندي ڏسي رهيو آهيان. مان پيپلز پارٽي ۾ شامل نه پيو ٿيان. خلاق مخلوق نوازشريف جو سلوگن هو ته هاڻ ان کي به ڪلين چٽ ملي وئي.اڳوڻي اسيمبلي ميمبر چيو ته (ن) ليگ جون سيٽون 100 کان به گهٽ هونديون. مون آصف زرداري کي چيو ته اوهان ايڪسپائرڊ اڳواڻ آهيون، آصف زرداري جواب ۾ چيو ته منهنجو پٽ ۽ اوهان جهڙا جوان آهن جيڪي هاڻ ملڪ کي اڳيان هلائيندا. هن گيم ۾ ايڪسپائر ٿيڻ تمام گهڻو ضروري آهي پر بدقسمتي سان ائين نه آهي. 3 کان 4 خود ساخته هيرو آهن، انهن کي تبديل نه پيو ڪيو وڃي. مسئلو اهو آهي ته ولين هڪ ئي آهي پر هيرو تبديل ڪيا پيا وڃن.هن چيو ته اسحاق ڊار جهڙن ماڻهن کي آندو ويو ته اهي ڪهڙي صورتحال صحيح ڪندا؟ پ پ ۽(ن) ليگ جيڪا تباهي ڪئي ان جا ذميوار اهي پاڻ آهن ڇا هاڻ اهي صورتحال بهتر ڪندا.؟ هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي جن ججن استعيفائون ڏنيون آهن انهن جي ڪرپشن جا فائيل آهن، نسله ٽاور غريبن جو هو، ان کي ڪيرايو ويو منظوري ڏيندڙن کي ڪجهه به نه چيو ويو.فيصل واوڊا وڌيڪ چيو ته جيئن ٻڪرا پڙي ۾ اگهه لڳندا آهن هن عام چونڊن ۾ آزاد اميدوارن جا به ائين ئي اگهه لڳايا ويندا. رانديگرن جا به اگهه لڳايا ويندا. وڏن رانديگرن جا وڏا اگهه لڳايا ويندا. جيڪو سٺو اگهه لڳائيندو اهو ميدان ۾ ايندو.

پهنجو تبصرو موڪليو