عامر خان جي ڌيءَ آئرا خان پنهنجي شادي جي تاريخ ٻڌائي ڇڏي

ممبئي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ جي مسٽر پرفيڪٽ عامر خان جي ڌيءُ آئرا خان پنهنجي شادي جي تاريخ ٻڌائي ڇڏي.عائره خان تازو ئي ڀارتي ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ پنهنجي منگيتر نيپور شڪير سان شادي جي ڳالهه ڪئي.هن انڪشاف ڪيو ته اسان 3 جنوري تي شادي ڪرڻ چاهيون ٿا پر اسان جي شادي ڪهڙي تاريخ تي ٿيندي اهو اڃا طئي ناهي ٿيو.شادي جي خاص تاريخ مقرر ڪرڻ جو سبب ٻڌائيندي عائره خان چيو ته 3 جنوري اسان لاءِ تمام خاص آهي ڇو ته اها اها تاريخ آهي جڏهن اسان ٻنهي پهريون ڀيرو چمي ڏني هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو