عالمي مارڪيٽ ۾ تيل 7 سيڪڙو سستو، پاڪستان ۾ 4 سيڪڙو مهانگو

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) وفاقي حڪومت انٽرنيشنل مارڪيٽ ۾ 7 سيڪڙو تيل جي قيمت گهٽجڻ باوجود چار سيڪڙو قيمتون وڌائي ڇڏيون آهن. وڌايل قيمتن بعد پيٽرول 112.68  روپيا في لٽر ۽ ڊيزل 126.82 روپيا في لٽر نئين قيمت مقرر ڪئي وئي آهي. گاسليٽ 1.69 روپيا في لٽر مهانگو ڪيو ويو آهي. پيترول ۽ ڊيزل تي 13 سيڪڙو جنرل سيلز ٽيڪس به لاڳو ڪئي وئي آهي. پيٽروليم واري وزارت جي هڪ سينئر آفيسر سنڌيار کي ٻڌايو ته 2008 ۾ جڏهن عالمي منڊي ۾ تيل 147 ڊالر في بيرل هو ته ان وقت پيٽرول 80 روپيا في لٽر کان به گهٽ هو پر هاڻي جڏهن 67 ڊالر في بيرل عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمت آهي ته پيٽرول في لٽر 112.68 روپيا آهي. هن ٻڌايو ته ان ۾ ڊالر جي ڀيٽ ۾ روپئي جو قدر گهٽجڻ سبب منفي اثر پيو آهي. واضح رهي ته هڪ بيرل 159 لٽر برابر هوندو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو