عالمي قانون جي خلاف ورزي جو دنيا نوٽيس وٺي،اسين ذميوار نه هونداسين، خان

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان جي وزيراعظم عمران خان دنيا تي زور ڀريو آهي ته هو هندوستان جي حڪمران جماعت جي نسل پرست اپائن جو نوٽيس وئي. هن پارليامينت جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي چيو تهبي جي پي جرمن نازي پارٽي جهڙي آهي جنهن ڪشمي بابت ڀارتي آئين، سپريم ڪورٽ ۽ اقوام متحده جي ٺهرائن جي خلاف ورزي ڪئي آهي. دنيا عالمي قانونن جي خلاف ورزي جو نوٽيس وٺي نه ته پوءِ اسان تي ڪا ذميواري نه هوندي. هن چيو ته ڪشمير م ڀارتي سيڪورٽي فورسز ظلم ڪري رهيون آهن ۽ ان جو رد عمل پلواما جهڙن واقعن جي صورت ۾ ايندو ۽ پوءِ وري اوهان اسان تي الزام هڻندا. هن چيو ته ياد رکو ٻئي ايٽمي قوتون آهيون جنگ جو رستو ناهي، مسئلا ڳالهين ذريعي حل ڪرڻا پوندا. هن چيو ته اها نيوڪليئر بليڪ ميلنگ نه پر عقل ۽ شعور کي اپيل آهي. روايتي جنگ ٿي سگهي ٿي جنهن جو فاتح ڪو به نه هوندو پر ان جا اثر پوري دنيا تي پوندا. هن چيو ته اسين ڪشميرين سان گڏ آهيون ۽ دنيا جي هر فورم تي آواز اٿارينداسين، مغرب تائين وينداسين. اپوزيشن ليڊر شهباز شريف چيو ته 24 ڪلاڪ گذري ويا آهن حڪومت ڪا پاليسي ۽ منصوبو پيش ناهي ڪيو. هن چيو ته ڪالهه تائين وزيراعظم چوي پيو ته هن ٽرمپ ڪارڊ کيڌيو آهي اهو ٽرمپ ڪارڊ هو يا ٽريپ ڪارڊ هو، هن چيو ته عمران نيازي جي حڪومت ڪجهه ناهي ڪيو. جنهن تي عمران خان چيو ته اپوزيشن ٻڌائي ته ڇا ڪريون، ڇا هندوستان تي حملو ڪريون؟ هن وڌيڪ چيو ته منهنجو نالو عمران احمد خان نيازي آهي نالو سهي وٺو. شهباز شريف چيس ته آئنده نالو ٺيڪ وٺندس، مان حملي جو نٿو چوان صرف اهو چوان ٿو ته ڪشميرين سان مصيبت جي وقت ۾ گڏ هجڻ جو يقين ڏياريو. ان کان اڳ وزيراعظم جي تقرير دوران شهباز شريف ۽ آصف علي زرداري جي آمد تي اپوزيشن وارن زوردار ڊيسڪ وڄايا ته وزيراعظم چيو ته هي سنجيده مسئلو آهي جيڪڏهن اپوزيشن شور ڪندي ته مان ويهي ٿو رهان، دنيا کي گڏيل پيغام ڏيڻو آهي. بلاول چيو ته ڏکئي وقت ۾ ڪشميرين کي حمايت جو ڀرپور پيغام ڏيڻ چاهيون ٿا ته جتي اوهان جو پگهر ڪرندو اتي اسنجو خون ڪرندو. هن چيو ته حڪومت کي جيڪي اپاءُ وٺڻ گهرجن ها اهي ناهن ورتا ويا. ان کان اڳ خبح 11 وڳي اجلاس شروع ٿيو ته سهباز شريف ۽ رضا رباني احتجاج ڪيو ته ايجنڊا ۾ 370 شق جي خاتمي جو ذڪر ناهي. جنهن تي گوڙ ٿي ويو ۽ اجلاس 20 منٽن لاءِ معطل ڪيو ويو ۽ اسپيڪر وٽ بزنس اردوائيزري ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ايجنڊا طئي ٿي ۽ ڪجهه منٽن بدران ڪلاڪن بعد اجلاس شروع ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو