عالمي برادري کان سهڪار جي اميد رکون ٿا: علي ظفر

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيٽر علي ظفر چيو آهي ته کيس عالمي برادري جي حمايت جي اميد آهي ۽ هر فورم تي آواز اٿاريندو.اسلام آباد مان جاري ڪيل بيان ۾ سينيٽر علي ظفر چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي هميشه پهرين ترجيح هوندي، جمهوريت لاءِ جدوجهد جاري رکنداسين.هن چيو ته مالياتي نظم و ضبط جي بهتري لاءِ انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) سان رابطي ۾ رهڻ گهرجي.سينيٽر علي ظفر وڌيڪ چيو ته معاشي استحڪام لاءِ آءِ ايم ايف سان لاڳاپا جاري رکڻ گهرجن، تحريڪ انصاف ملڪي مفاد لاءِ کنيل قدمن جي حمايت جاري رکندي.هن چيو ته تحريڪ انصاف جمهوريت لاءِ جدوجهد جاري رکندي، هر فورم تي آواز اٿاريندي، عالمي برادري کان حمايت جي اميد رکي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو