طلاق نه ڏيڻ تان پريشان ڪيو پيو وڃي، ناري سدره

سکر(امداد علي ڪلوڙ) طلاق نه ڏيڻ تان انتقام جو نشانو بڻيل خاندان پاران سکر پريس ڪلب ٻاهران معصوم نينگري سان گڏ سکر جي موچي بازار واري علائقي جي رهواسين مسمات سدره ۽ مڙس فصيح الرحمان شيخ احتجاج ڪيو ان موقعي تي مسمات سدره ٻڌايو ته پوڻا ٻه سال اڳ اسانجي شادي ٿي هئي شادي کان هڪ مهينو پوءِ منهنجي سس سهري ذڪرالرحان ۽ فصيح الرحمان مڙس جي ڀينرن افشان۔شمع عرف ياسمين۔عائشه ۽ ڀاءُ فيصل الرحمان مڙس مٿان کيس طلاق ڏيڻ لاءِ دٻاءَ وڌو طلاق ڏيڻ کان انڪار تي مٿس ڊيزل هاري باه ڏئي ساڙي مارڻ جي ڪوشش ڪئي ته رڙين تي مڙس ۽ پاڙي وارن پهچي بچائي ورتو جنهن بعد کين گهران زبر دستي بي دخل ڪندي ڏاج جو سامان ۽ سونا زيور به پاڻ وٽ رکي ڇڏيا آھن  جڏهن ته کين 10 مهينن جي ڌيءَ جو اولادپڻ آھي ۽ اڃان به منهنجي مڙس کي انتقام جو نشانو بڻائيندي تازو سکهر جي شھيد انسپيڪٽر رائو شفيع الله ٿاڻي تي ڪوڙي ايف آءآر داخل ڪرائي پريشان ڪيو پيو وڃي متاثر خاندان لاڳاپيل اختيارن کان انصاف ۽ تحفظ جي گهر ڪئي آھي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو