طالبان روح الله صالح کي قتل ڪري ڇڏيو

ڪابل(ويب ڊيسڪ) افغانستان جي اڳوڻي نائب صدر امرالله صالح جو ڀاءُ روح الله صالح قتل ٿي ويو. گهرڀاتين جو چوڻ آهي ته طالبان گذريل ڏينهن کيس قتل ڪيو ۽ ان جي تدفين جي اجازت به نه ڏني. ٻئي پاسي طالبان اهڙي دعويٰ کي رد ڪندي چيو آهي ته روح الله صالح پنجشير جي ويڙهه دوران مارجي ويو هو. واضح رهي ته 15 آگسٽ تي طالبان جي ڪابل تي قبضي کانپوءِ افغانستان جو اڳوڻو نائب صدر امرالله صالح پنجشير هليو ويو هو ۽ طالبان خلاف مزاحمتي فورس جي اڳواڻن سان شامل ٿي ويو هو. ذريعن موجب طالبان روح الله کي گرفتار ڪرڻ بعد قتل ڪيو آهي. امرالله صالح تاجڪستان فرار ٿي ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو