طئي ٿيل هدف جي مقابلي ۾ روينيو وصولي ۾ 211 ارب رپين جي گهٽتائي

اسلام آباد (اياز مهر) فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جي چيئرمين شبر زيدي چيو آهي ته گذريل سال جي مقابلي ۾ نومبر ۾ ٽيڪس جي وصولي ۾ 17 فيصد اضافو ٿيو آهي جيڪو 334 ارب بڻيو آهي. واضح رهي ته ڄاڻايل انگ اکر هاڻي به نومبر جي هدف کان 48 ارب رپيا گهٽ آهن جنهن جو سبب هلندڙ مالي سال ۾ مجموعي طور تي ٽيڪس ۾ گهٽتائي 211 ارب رپيا ٿئي ٿي. رپورٽ مطابق شبر زيدي جو چوڻ هو ته جولاءِ کان نومبر جي عرصي ۾ مجموعي طور تي تقريبن 61 کرب 18 ارب رپيا جمع ٿيا ۽ ان مدت جو هدف 18 کرب 30 ارب رپيا مقرر ٿيل هو. شارٽ فال ۾ اضافي جي پيش نظر بزنس ڪميونٽي جي ڪجهه حلقن ۾ تشويش آهي ته حڪومت مالي سال جي اختتام کان پهرين بحران کي ختم ڪرڻ لاءِ ٽيڪس متعلق وڌيڪ قدم کڻندي جنهن ۾ مني بجيٽ به ٿي سگهي ٿي. حڪومت گذريل بجيٽ ۾ 55 کرب رپيا روينيو جمع ڪرڻ جو چئلنج قبول ڪيو هو جيڪو گذريل سال 38 کرب 29 ڪروڙ رپيا هيو. گذريل سال جي بجيٽ ۾ 38 کرب 29 ڪروڙ رپيا اضافي جي مقابلي ۾ 5.5 ارب رپين جي انتهائي چئلنج واري ٽيڪس هدف تي عمل ڪيو. انڪم ٽيڪس جي وصولي 175 ارب رپيا ريڪارڊ ڪئي وئي جڏهن ته هدف 754 ارب رپيا مقرر ڪيو ويو هو. ان وقت ۾ چيو ويو ته ايف بي آر کي 15 لک 90 هزار انڪم ٽيڪس گوشوارا حاصل ٿيا آهن جيڪي گذريل سال کان تمام گهڻا آهن. ان جو چوڻ هو ته گذريل سال وڌيڪ 10 لک ماڻهن جنهن ريٽرن جمع ڪرايو آهي هلندڙ سال به انهن کي فائل ڪرڻ باقي آهي جنهن جي نتيجي ۾ ايف بي آر ريٽرن فائل ڪرڻ جي آخري تاريخ ۾ 15 ڊسمبر تائين واڌ جو اعلان ڪيو آهي. ڪسٽم ڊيوٽي مقرر هدف کان 76 ارب رپيا گهٽ رهي ٻاهران شيون نه گهرائڻ سبب 260 ارب رپين جي ويجهو رهي. حڪومت معيشت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ دعوائون ڪيون هيون ۽ چيو هو ته مالي اڪائونٽ ۾ بنيادي توازن، جنهن ۾ خرچ ۾ ڊيٽ قرض شامل هوندو آهي هاڻي ڪرنٽ اڪائونٽ خساري سان گڏ سرپلس ٿي ويو آهي. هن اها به دعويٰ ڪئي هئي ته ملڪ ۾ ڪڏهن به ايترو معاشي بحران نه ڏٺو جيڪو 2018 ۾ مسلم ليگ ن ملڪ کي ڏنو ۽ ڪڏهن به پاڪستان معاشي بحرانن کان نڪرڻ جو قابل ئي ناهي رهيو پر جڏهن تحريڪ انصاف جي حڪومت آئي ته ملڪ کي 15 مهينن ۾ معاشي بحران مان ڪڍي ڇڏيو آهي. واضح رهي ته راولپنڊي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي وفد سان ڳالهائيندي شبر زيدي جو چوڻ هو ته هو ڊائريڪٽريٽ جنرل آف انٽيلي جنس اينڊ انويسٽيگيشن آف ان لينڊ روينيو کي ڇاپي مارڻ کان روڪڻ جي هدايت ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو