حدن ۾ ڦير ڦار بابت بل خلاف سنڌ اسمبلي جو مذمتي ٺهراءُ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسمبلي مان حڪومتي جماعت پيپلزپارٽي اپوزيشن جي گوڙ ۾ سنڌ ورهائڻ واري ممڪنه وفاقي حڪومت جي اپائن خلاف مذمتي ٺهراءُ منظور ڪرائي ورتو. اپوزيشن ۾ شامل جي ڊي اي ۽ ايم ايم اي ٺهراءَ جي حمايت ڪئي جڏهن ته ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ ان جي مخالفت ڪئي. پيپلز پارٽي جي غلام قادر چانڊيو جڏهن سوالن جوابن جي وقفي بعد اربع تي ٺهراءُ پيش ڪرڻ چاهيو ته اپوزيشن مخالفت ڪئي ۽ سيٽون ڇڏي اسپيڪر جي ڊائيس آڏو احتجاج ڪندي نو نو جا نعرا هنيا. اسپيڪر آغا سراج دراني کين چيو ته اوهين سڀ سنڌ جي ورهاست جا حامي آهيو ۽ اهو اسين برداشت نه ڪنداسين. جنهن بعد جي ڊي اي جي نصرت سحر عباسي ۽ ايم ايم اي جو مولانا عبدالرشيد سيٽن تي آيا ته اپوزيشن وارا به موٽي آيا. ايوان مان جڏهن اڪثريت راءِ سان ٺهراءُ پاس ٿيو ته نصرت سحر چيو ته کيس خبر نه هئي ته ٺهراءُ ڇاجو آهي. هن چيو ته اسين به اهڙو ٺهراءُ پيش ڪنداسين. هن پي پي تي تنقيد ڪندي چيو ته سنڌ ته هنن 2012 ۾ ان وقت ورهائي هئي جڏهن ڊبل مڪاني نظام منظور ڪيو هو. بعد ۾ ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ وارن واڪ آئوٽ ڪيو. ياد رهي ته ايم ڪيو ايم گذريل اڱاري تي قومي اسمبلي ۾ آئيني ترميم جو بل پيش ڪيو هو ، جنهن خلاف ٺهراءُ منظور ڪيو ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو