صدر ٽرمپ خلاف احتساب جا ٻئي ٺهراءَ سينيٽ مان رد

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي احتساب جا ٻئي ٺهراءَ سينٽ اڪثريت راءِ سان رد ڪري ڇڏيا  آهن جنهن بعد هو پنهنجي عهدي تي ڪم جاري رکندو. صدر ٽرمپ تي اختيارن جي غلط استعمال ۽ ڪانگريس جي ڪم ۾ مداخلت جا ٻه الزام هئا. ٻنهي الزامن بابت سينٽ ۾ ڌار ڌار ووٽنگ ٿي ۽ کيس مواخذي کان آجو قرار ڏنو ويو. سينٽ ۾ حڪمران جماعت ريپبلڪن جي اڪثريت آهي. صدر تي طاقت ۽ اختيارن جي غلط الزام جي حق ۾ 48 ۽ مخالفت 52 ووٽ پيا. جڏهن  ته ڪانگريس جي ڪم ۾ مداخلت جي الزام جي حق ۾ 47 ۽ مخالفت ۾ 53 ووٽ پيا. آمريڪي پارليمان جي ايوان بالا سينٽ ۾ ڪل ميمبرن جو تعداد 100 آهي. صدر تي الزام هو ته هن يوڪريني صدر تي دٻاءُ وڌو ته هو اڳوڻي نائب صدر ۽ ڊيموڪريٽس جي اڳواڻ جو بائيڊن خلاف ڪرپشن جي جاچ شروع ڪري. صدر ٽرمپ ان تي چيو هو ته کيس سياسي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي. ريبلڪن جو مٽ رومني واحد سينيٽر هو جنهن اختيارن جي غلط استعمال واري الزام جي حق ۾ پارٽي خلاف ووٽ ڏنو هو. صدر ٽرمپ چيو آهي ته هو ان تي بعد ۾ رد عمل ڏيندو. صدارتي اليڪشن آفس مان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته “فارغ البال ڊيموڪريٽس کي خبر هئي ته هو صدر ٽرمپ کي مات نٿا ڏئي سگهن پر ان باوجود به هنن مواذي جو رستو چونڊيو”.

پهنجو تبصرو موڪليو