واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طالبان اڳواڻ ملا برادر سان فون تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي ۽ کيس چيو آهي ته جلدبازي نه ڪريو مائيڪ پومپيو جلد افغان صدر اشرف غني سان ڳالهائيندو ۽ ٿيل معاهدي تي عملدرآمد يقيني بڻائيندو. ٻنهي جي ڳالهه ٻولهه جو اعلان طالبان ترجمان ضبيح الله مجاهد ٽوئٽر تي ڪيو جنهن بعد آمريڪي صدر به ان جي تصديق ڪئي. 35 منٽ ٿيل ڳالهه ٻولهه بعد صد ٽرمپ چيو ته طالبان قيادت سان هن جي مثبت ڳالهه ٻولهه ٿي آهي ۽ ساڻن سندس بهتر تعلقات آهن. ياد رهي ته اها ڳالهه ٻولهه ان وقت ٿي آهي جڏهن طالبان جي ترجمان ذبيح الله مجاهد چيو ڌمڪي ڏني آهي ته جيڪڏهن افغانستان حڪومت طالبان جا قيدي آزاد نه ڪيا ته افغان فورسز تي حملا جاري رکيا ويندا. سندس اهڙو بيان افغان صدر اشرف غني جي ان بيان بعد سامهون آيو آهي جنهن م هن چيو هو ته 5000 طالبان قيدين جي آزادي بابت افغان حڪومت ڪو به واعدو ناهي ڪيو. گذريل ڇنڇر تي قطر جي گادي واري هنڌ دوحه ۾ آمريڪا ۽ طالبان ۾ ٿيل امن معاهدي ۾ اهو لکيو ويو هو ته 1000 کان وڌيڪ قيدي طالبان آزاد ڪندا ۽ 5000 طالبان قيدي افغان حڪومت ازاد ڪندي. معاهدي تي افغان حڪومت جي نمائندن جون صحيحون به آهن پر ان جي باوجود صدر اشرف غني چيو هو ته سندس حڪومت اهڙو ڪو به فيصلو ناهي ڪيو. جنهن تي پاڪستان جي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي بيان جاري ڪيو هو ته قيدين جي معاملي تي افغان صدر کي فراخدلي جو مظاهرو ڪرن گهرجي. طالبان پاران حملن جي اعلان بعد اوڀارين صوبي خوست جي هڪ فٽبال گرائونڊ ۾ بم ڌماڪو ٿيو آهي جنهن ۾ 3 سڳا ڀائر فوت ٿي ويا ۽ 11 ڄڻا زخمي ٿيا آهن. بم موٽر سائيڪل ۾ فٽ ٿيل هو، ڌماڪي جي ڪنهن به ذميواري قبول ناهي ڪئي.
