صحافي جي دوڪان کي باهه لکين روپين سامان رک

مٺي(لياقت نھڙيو)مٺي ۾ ڊي ايڇ او آفيس ويجهو صحافي ۽ واپاري دليپ ڪمار مهشوري جي ريزڪي دڪان کي اوچتو باهه لڳڻ سبب لکين روپين جو سامان سڙي رک ٿي ويو آهي، جڏهن ته پوليس واقعي واري هنڌ پهچي رپورٽ داخل ڪري ورتي آهي، ان ڏس ۾ معلوم ٿيو آهي ته گذريل رات دير سان اوچتو شارٽ سرڪٽ سبب  باهه لڳڻ سبب ريزڪي دڪان مڪمل سڙي رک ٿي ويو آهي، دڪان ۾ پيل ٻه فرج، يو پي ايس ۽ کاڌي پيتي لاء وڪرو ٿيندڙ لکين روپين جو ريزڪي سامان ۽ جنرل اسٽور جو سامان سڙي ويو ۽ باهه سڄي رات هلڻ سبب دڪان جي ديوار ۾ به ڏار پئجي ويا ۽ ڪوبه سامان نه بچيو آهي، متاثره دوڪاندار چيو آهي ته ضلعي انتظاميا، ميونسپل ڪميٽي مٺي ۽ سماجي ادارا مدد ڪن جئين آئون ٻيهر پنهنجي گهر جو گاڏو هلائي سگهان،

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو