محمد اسماعيل لانگاھ
هن وقت تائين اتر سنڌ باقي سنڌ جي ڀيٽ ۾ انتهائي خطرناڪ علائقو بڻيل رهيو آهي جتي قبائلي جهيڙن ۾ هزارين جانيون ضايع ٿيون آهن ڪيترائي وسندڙ ويڙھا جهڳا جهڻ ۽ ويران ٿي ويا جيڪا رت جي راند هاڻي ايتري قدرخطرناڪ ٿيندي پئي وڃي جو ان جو خاتمو ٿيڻَ ناممڪن نظر اچي رهيو آهي
۽ ان ۾ اتر سنڌ ھن وقت تعليم يافته ماڻھن ۽ صحافين لاءِ ڄڻ وانا وزيرستان بڻجي وئي آهي جنهن کي ذاتي مفادن خاطر گولين جو کاڄ بڻايو پيو وڃي جنهن ۾ ڪيترن ئي تعليم يافته ماڻھن توڙي صحافين کي جانين جو نذرانو ڏيڻو پيو آهي پر افسوس جو ڪنهن به صحافي جي ناحق خون واري ڪيس ۾ ملوث ڪو جوابدار ڪيفر ڪردار تائين پهتو هجي وڏي گهري سازش تحت سنڌ ۾ صحافين جي آواز کي دٻائڻ لاءِ هڪ وڏي سرموڙ بهادر ورڪنگ جرنلسٽ جان محمد مهر جو ٽارگيٽ قتل ڪري سنڌ جي صحافين کي هڪ پيغام پهچايو ويو آهي صحافين ۾ هڪ خوف جي لهر پکيڙڻَ جي ڪوشش ٿي رهي آهي جيڪا هن معاشري لاءِ انتهائي خطرناڪ تصور ٿيآهي بهادر صحافي جان محمد مهر نه پر هزارين مظلوم مسڪين ماڻھن جو قتل ٿيو آهي جڏھن هڪ صحافي هزارين ماڻھن جو ڀرجهلو ۽ آواز بڻجي ٿو ته ان جو قتل هزارين ماڻھن جو قتل محسوس ٿئي ٿو ۽ جان محمد مهر جو قتل پاڪستان جي آزادي واري ڏينهن ٿيو جنهن جو جيترو افسوس ڪجي اهو گهٽ آهي مطلب ته اسين ملڪ کي آزاد ته آزاد سمجهون ٿا پر هتي هر اهو ماڻھون خوفزده آهي ۽ جيئڻ جو حق انهن کي آهي جيڪي ظلم ڏاڍ جي غلامي ڪن ٿا ۽ غريب مظلوم کي هروقت پنهنجي عزت پائمال ٿيڻَ سميت موت جو ڊپ رهي ٿو هتي جيڪوصحافي قلم وسيلي هن قوم جو محافظ بڻجڻ جي ڪوشش ڪري ٿو انکي راهه تان هٽائڻ لاءِ ڪيترائي هٿڪنڊا استعمال ڪيا وڃن ٿا ۽ اتر سنڌ صحافين لاءِ مقتل گاهه بڻجي ويو آهي، غريب مسڪين مظلوم ماڻھن لاءِ نوگو ايريا بڻجي ويو آهي جتي صحافت ڪرڻَ سمجهھ زندگي تان هٿ کڻڻ جي برابر لڳي ٿو ڏاڍ ظلم جي ڪاري رات قائم ڪري قانون ۽ انصاف کي ايترو ته ڪمزور ڪيو ويو آهي جو ڪنهن به قلم ڌڻي جي جان محفوظ ناهي سنڌ ۾ صحافين جو وڏو وير سنڌ جي سرداري نظام سان آهي ۽ سرداري نظام کي سرڪاري مشينري جي حمايت حاصل آهي سردار ۽ سرڪار ٻئي صحافي دشمن پليٽ فارم آهن اهي هن وقت بلڪل گردش ۾ آهن جنهن ذريعي غريب عوام سان ظلم ۽ ويڌن وڌندو پيو وڃي ۽ صحافي نٿو چاهي ته ڪو مسڪين ڪنهن ظالم جي ظلم جو شڪار ٿئي سنڌ ۾ صحافي سردار ۽ سرڪار آمهون سامهون آهن اهو بلڪل سچ آهي ته ظالم ته فنا ٿيڻو آهي پر ظلم تاقيامت رهڻو آهي سو هي راند هن وقت خطرناڪ موڙ تي اچي بيٺي آهي جنهن جو پهريون نشانو صحافي بڻجي ويا آهن اتر سنڌ ۾ صحافي دشمن پکڙيل هن رت جي راند بند ڪرڻ لاءِ قانون کي فوري طور قدم کڻڻ گهرجي
ھن وقت اتر سنڌَ ۾ جيڪا رت جي راند شروع ٿي وئي آهي انجو اهم سبب اهو ئي آهي ته اتي سرداري نظام نافذ ڪيو ويو آهي جنهن جو ڀوائتو اثر سڄي معاشري مٿان حاوي ۽ مسلط ٿي ويو آهي پر اسانجي حڪومت قانون انصاف جي هٿن ۾ اهڙيون ته هٿڪڙيون لڳي چُڪيون آهن جو ڪرسين تي ويٺل ان قانون ۽ انصاف جو قلم صرف غريب مسڪين ماڻھن مٿان وهايو ٿو وڃي انهن جو اهو قلم ڏاڍ ۽ ظلم جي خلاف لکڻ نٿو چاهي
سنڌَ ۾ هن وقت جيڪا لاقانونيت قائم ٿي چُڪي آهي ان ۾ غريب جو سهارو صرف صحافي بڻيل آهن جيڪي سرڪار جي ظلم ڏاڍ خلاف سينو سانهيو بيٺا آهن انهن کي ڪابه پرواهه ڪانهي ته ڪنهن مسڪين ۽ مظلوم جي آواز بڻجڻَ تي جان جوکي ۾ وڃي سگهي ٿي جيڪڏھن سرڪار صحافين جو تحفظ ڪرڻ نٿي چاهي اهو ان ڪري ته سرڪار جي ناقص ۽ عوام دشمن پاليسين تان صحافين ته هروقت پردو پئي کنيو, ۽ سنڌ سرڪار هن وقت سرداري نظام جي قبضي ۾ اچي چُڪي آهي ، سردار پنهنجي علائقن جي غريب عوام مٿان پنهنجا قانون ۽ فيصلا مڙهي ڇڏيا ۽ ايتري تائين جو نٿا چاهين ته هنن جي قبيلن جا ماڻھون تعليم، يافته پڙھيل لکيل هجن ۽ سردارن جي اهڙن فيصلن جا به صحافي مخالف بڻيل آھن سو مقصد جي ڳالهھ اها آهي ته جيڪڏھن هن معاشري ۾ ٿيندڙ ڏوهن ۽ انهن کي هٿي ڏيندڙ هٿن جو هڪ صحافي ئي مخالف بڻيل آهي ۽ ڏوهه کي اڄ ڪلهھ وڏي عزت ۽ تعظيم ڏني وڃي پئي افسوس واري ڳالهھ اها چئي سگهجي ٿي آخر صحافين کي هن معاشري جو حقيقي دشمن ڇو ٿو سمجهيو وڃي ڇو جو هو عوام مٿان ظلمن کي وائکو ڪري ٿو
هن وقت سنڌ ۾ صحافتي پيشي لاءِ ايترو ته خطرناڪ بڻجي وئي آهي جتي هر ڏينهن صحافين جي زندگين لاءِ خطرناڪ برقرار رهي ٿو اندازو لڳائي ڏسجي ته اتر سنڌَ ۾ جيڪي به صحافي شهيد ٿيا آهن انهن جو ڏوهه صرف ظالمن خلاف مهاڏو اٽڪائڻ آهي افسوس جو هن وقت تائين ڪنهن به قلم ڌڻي جي ناحق خون سان عدالتي سطح کان انصاف ناهي ٿيو ائين انهن جا خون رائيگان ٿي ويا صحافي تنظيمن جي ذميواري آهي ته هو صحافين سان ٿيندڙ ظلم.تي عالمي سطح تائين اهڙو پليٽ فارم جوڙين جنهن تان هو قانوني طريقي سان ڪيس وڙھي صحافين سان ٿيندڙ ظلمن کي بي نقاب ڪري سگهن جيئن ايندڙ وقت ۾ جان محمد مهر جهڙو جوڌو صحافي ظالمن جو نشانو نه بڻجي سگهي
