صالح پٽ ۽ هيڊ جمڙائو ۾ ماڪڙ جا ڪٽڪ پهچي ويا، حڪومت بي خبر

ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ جي ٻين علائقن جيان هڪ دفعو ٻيهر ماڪڙ جا ڪٽڪ سکي ضلي جي علائقي صالح پٽ ۽ سانگهڙ ضلعي جي هيڊ جمڙائو جي آس پاس جي ڳوٺن ۾ پهچي ويا آهن. آبادگارن موجب هنن زرعي کاتي وارن کي آگاهه ڪيو پر ڪير به وزٽ تي ناهي آيو. ***صالح پٽ مان نياز مهر موجب ڳوٺ ڪريم داد خان لنڊ ۽ ڀر پاسي ۾ ماڪڙ وڏي آفت جي صورت اختيار ڪري ورتي آهي ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڳوٺاڻن ٻڌايو ته گذريل ڏينهن کان اسان ايگريڪلچر کاتي جي عملدارن کي اطلاع ڏنو آهي پر هن وقت تائين ڪنهن به ڌيان نه ڏنو آهي اسان جو فصل تباهه ٿي ويو آهي. سنڌ حڪومت کي اپيل آهي ته جلد کان جلد ماڪڙ کي ختم ڪرڻ لاءِ اپاءَ ورتا وڃن جيئن اسان جو فصل وڌيڪ نقصان کان بچي سگهجي.*** ورڪشاپ  مان اياز لطيف شر موجب هيڊ جمڙائو جي آس پاس جي ڳوٺن نياز محمد شر، ڳوٺ بچل شر ، ڳوٺ شھيد ڪرم الله شر ، ڳوٺ نندو خان شر، ڳوٺ انب خان شر، ڳوٺ اوڀايو خان ڳاھو سميت ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ ماڪڙ  وڏي تعداد ۾ ماڪڙ پھچي وئي،  ترن، گوار، ووئنڻن، ڪمند، جنتر ۽ سائي گاهه کي کائي تباهه ڪري ڇڏيو ، زميندارن جا مٿي تي ھٿ آهن.

ڳوٺ بچل شر ۾ ابل شر ميڊيا سان ڳالھائيندي  چيو ته ھڪ برسات ۽ مٿان وري ماڪڙ اسان جا فصل تباھ ڪري ڇڏيا آھن اسان وٽ ڪو به سرڪار طرفان  نه آيو آهي. اسان ڊي سي سانگھڙ کي اپيل ٿا ڪريون ته خدارا اسان جي فصلن کي ماڪڙ جي حملي کان بچايو وڃي ۽ فوري اپاءَ ورتا وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو