شڪارپور (رپورٽ: عبدالخالق سومرو) شڪارپور/ 10 ورهين جي نينگري سان مبينا زيادتي، ڪيس داخل، هڪ جوابدار گرفتار، وڌيڪ گرفتاريون جاري. تفصيل موجب شڪارپور شهر جي ٺارو پور پاڙي ۾ 10 ورهين جي نينگري سان مبينا زيادتي جو افسوسناڪ واقعو سامهون آيو آهي، جنهن کانپوءِ متاثر نينگري جي وارثن انصاف جي گهر ڪندي مک جوابدار جي فوري گرفتاري ۽ سخت سزا جو مطالبو ڪيو آهي. واقعي بعد پوليس ڪيس داخل ڪري ڪارروائي شروع ڪئي، جڏهن ته هڪ نامزد جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن. متاثر نينگري جي والد قربان سومرو موجب هو گهر آيل مهمانن کي هوٽل تي ماني کارائڻ ويو هو، ان دوران مک جوابدار هدايت الله عرف هزار خان سومرو مبينا طور سندس نينگري مومل سومرو کي بهاني سان پنهنجي گهر وٺي وڃي ساڻس ڏاڍائي ڪئي. هن الزام هنيو ته واقعي کانپوءِ مک جوابدار فرار ٿي ويو، جڏهن ته سندس مائٽ شڪور احمد ۽ بخت علي سومرو گهر پهچي کين ڪيس داخل نه ڪرائڻ لاءِ ڌمڪيون ڏنيون. هن مطالبو ڪيو ته سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪري قانون موجب سخت سزا ڏني وڃي. واقعي بعد نينگري کي طبي معائني لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ميڊيڪل سپرنٽنڊنٽ ڊاڪٽر جئي پرڪاش موجب شروعاتي طبي معائني دوران نينگري سان مبينا ڏاڍائي جا ثبوت سامهون آيا آهن، جڏهن ته وڌيڪ جاچ لاءِ ضروري نمونا ورتا ويا آهن، جن جي فرانزڪ ۽ ميڊيڪل رپورٽن کانپوءِ حتمي حقيقتون واضح ٿينديون. پوليس موجب متاثر نينگري جي والد قربان سومرو جي فرياد تي اسٽورٽ گنج ٿاڻي تي مک جوابدار هدايت الله عرف هزار خان سومرو، شڪور احمد سومرو ۽ بخت علي سومرو خلاف پاڪستان پينل ڪوڊ جي قلم 376(3)، 377-B ۽ 506(2) تحت ڪيس داخل ڪري قانوني ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي. هوڏانهن ايس ايس پي شڪارپور محمد ڪليم واقعي جو فوري نوٽيس وٺندي اي ايس پي سٽي محمد آصف جي سربراهي ۾ خاص ٽيم جوڙي، واقعي ۾ ملوث سمورن جوابدارن جي گرفتاري يقيني بڻائڻ جون هدايتون جاري ڪيون. اي ايس پي سٽي محمد آصف جي نگراني هيٺ ايس ايڇ او اسٽورٽ گنج پنهنجي ٽيم سان گڏ ٺارو پور پاڙي ۾ ڪارروائي ڪندي ڪيس ۾ نامزد جوابدار شڪور سومرو کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته ٻين نامزد جوابدارن، جن ۾ مک جوابدار هدايت الله عرف هزار خان سومرو پڻ شامل آهي، جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن. ايس ايس پي محمد ڪليم چيو آهي ته ڪيس جي وڌيڪ جاچ جاري آهي ۽ واقعي ۾ ملوث هر جوابدار کي قانون موجب گرفتار ڪري انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. پوليس جو چوڻ آهي ته حتمي نتيجا ميڊيڪل ۽ فرانزڪ رپورٽن جي روشني ۾ سامهون ايندا، جڏهن ته متاثر خاندان کي مڪمل قانوني تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو ويندو.










