ڪوئٽه (ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي ضلعي شيراني ۾ سيڪيورٽي فورسز جي چيڪ پوسٽ تي حملي جي نتيجي ۾ 4 اهلڪار شهيد ٿي ويا.پوليس اختيارين موجب، حملو شيراني ضلعي جي علائقي دانا سر جي چيڪ پوسٽ تي ڪيو ويو، سڪيورٽي فورسز جي جوابي فائرنگ ۾ هڪ حملي آور پڻ مارجي ويو.پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته فائرنگ واري واقعي کانپوءِ علائقي کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي.بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو شيراني ۾ سڪيورٽي چيڪ پوسٽ تي حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته بزدلاڻا عمل فورسز جو حوصلو پست نٿو ڪري سگهي، سڪيورٽي فورسز جون قربانيون قوم لاءِ مشعل راهه آهن.عبدالقدوس بزنجو چيو ته سڪيورٽي فورسز ثابت قدمي ۽ حوصلي سان ملڪ ۽ قوم جي سلامتي کي يقيني بڻائي رهيون آهن.
