اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي عدالت عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد کي راهداري رمانڊ تي مري پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.وفاقي پوليس شيخ شيد کي هٿڪڙيون هڻي اسلام آباد جي عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي ڪيس جي ٻڌڻي دوران عدالت پوليس کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا هنن اڳ ۾ رمانڊ جي درخواست ڪئي هئي؟ ان تي جاچ آفيسر چيو ته هي پهريون ڀيرو ٿي رهيو آهي، اڳ نه ڪيو آهي.شيخ رشيد جي وڪيل علي بخاري چيو ته جوڊيشل مئجسٽريٽ تازو ئي شيخ رشيد جي جوڊيشل رمانڊ جي درخواست رد ڪري ڇڏي هئي، شيخ رشيد جيل ۾ آهي ۽ ٻاهر نٿو وڃي سگهي.وڪيل علي بخاري شيخ رشيد جي عبوري رمانڊ جي درخواست جي مخالفت ڪئي، جنهن بعد پراسيڪيوٽر عبوري رمانڊ بابت دليل ڏنا.پراسيڪيوٽر چيو ته شيخ رشيد جوڊيشل رمانڊ تي آهي، کيس مري جي عدالت ۾ پيش ڪرڻو آهي.عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ پوليس جي درخواست منظور ڪندي شيخ رشيد کي هڪ ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.عدالت شيخ رشيد کي سڀاڻي 2 وڳي لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
