راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد خلاف پوليس جي مزاحمت ۽ آفيسر جي وردي ڦاڙڻ واري ڪيس ۾ مري پوليس کان ٻن هفتن ۾ رڪارڊ طلب ڪري ورتو آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي پنڊي بينچ ۾ اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد خلاف مري پوليس اسٽيشن ۾ داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي، شيخ رشيد طرفان ايڊووڪيٽ سردار رزاق خان ۽ ياسر شريف عدالت ۾ پيش ٿيا. پبلڪ پراسيڪيوٽر شيخ رشيد خلاف ڪيس ڪالعدم قرار ڏيڻ جي مخالفت ڪئي، جنهن تي عدالت پڇاڻو ڪيو ته اوهان شيخ رشيد کي اڃا تائين گرفتار ڇو ناهي ڪيو؟ پبلڪ پراسيڪيوٽر جواب ڏنو ته جوابدار اڳ ئي هڪ ڪيس ۾ گرفتار آهي، شيخ رشيد تي پوليس جي مزاحمت ۽ اهلڪار جي وردي ڦاڙڻ جو ڪيس آهي. عدالت چيو ته جيڪڏهن شيخ رشيد کي گرفتار ڪيو وڃي ته ڪيس جو رڪارڊ عدالت کي فراهم ڪيو وڃي. عدالت آءِ جي پنجاب، آءِ جي اسلام آباد ۽ آر پي او راولپنڊي کي نوٽيس جاري ڪندي ايس ايڇ او مري ۽ ڪيس جي جاچ آفيسر کي ٻن هفتن ۾ رڪارڊ سميت طلب ڪري ورتو. عدالت چيو ته ڪيس جو رڪارڊ طلب ڪرڻ بعد فيصلو ڪيو ويندو.
