شيخ حسينا جي سياسي پارٽي عوامي ليگ تي پابندي لاڳو

شيخ حسينا جي سياسي پارٽي عوامي ليگ تي پابندي لاڳو

ڍاڪا(ويب ڊيسڪ) بنگلاديش جي عبوري حڪومت اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينه جي سياسي پارٽي عوامي ليگ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي.هڪ پرڏيهي خبر ايجنسي موجب، برطرف وزيراعظم شيخ حسينه جي پارٽي تي دهشتگردي جي خاتمي واري قانون تحت پابندي لڳائي وئي آهي، ۽ عوامي ليگ جون سرگرميون ٽرائل مڪمل ٿيڻ تائين معطل رهنديون. ان کان علاوه، بنگلاديش جي عبوري حڪومت انٽرنيشنل ڪرائمز ٽربيونل ايڪٽ ۾ ترميم جي منظوري پڻ ڏني آهي، جيڪا سياسي پارٽين ۽ لاڳاپيل ادارن تي ڪيس هلائڻ جي اجازت ڏئي ٿي.عوامي ليگ عبوري حڪومت جي هن قدم کي رد ڪندي ان کي غير قانوني قرار ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو