شهيد ڀٽو خلاف سازش نه ٿي ها ته ملڪ سپر پاور هجي ها

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ 5 جولاءِ تي جاري ڪيل پيغام ۾ اڄوڪي ڏينهن کي ملڪي تاريخ جو ڪارو ڏينهن قرار ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن شهيد ڀٽو خلاف سازش نه ٿئي ها ته اڄ پاڪستان سپر پاور ملڪ هجي ها. سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽوئيٽر تي ٽوئٽ ڪندي شرجيل انعام ميمڻ لکيو ته 5 جولاءِ پاڪستان جي تاريخ جو ڪارو ڏينهن هو.چون ٿا ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي چونڊيل حڪومت ختم ڪري پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جو قتلام ڪيو ويو. جيڪڏهن شهيد ڀٽو خلاف سازش نه ٿئي ها ته اڄ پاڪستان سپر پاور ملڪ هجي ها. هن وڌيڪ چيو ته اسلامي ملڪ متحد هجن ها ته پاڪستان ترقي يافته ملڪن ۾ شامل ٿئي ها.

پهنجو تبصرو موڪليو