شهيدن جي يادگارن تي حملن جي جوابدارن جو احتساب قابل تحسين آهي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وفاقي بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته فوجي هنڌن ۽ شهيدن جي يادگارن تي حملن ۾ ملوث ماڻهن جو احتساب ٿيو، جيڪو ساراهه جوڳو آهي.هن ۾ ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته حملن ۾ ملوث شهرين جو ڪيس فوجي عدالت ۾ هلي رهيو آهي.هن چيو ته قانون جي پاسداري لاءِ رڪاوٽون پار ڪرڻيون پونديون، جنهن کي پار ڪيو ويندو، سوشل ميڊيا تي پابندي جو آپشن هميشه موجود آهي ۽ ڪري سگهجي ٿو.خواجا آصف جو چوڻ آهي ته 9 مئي سانحي جي جوابدارن کي سزا ملڻ تائين رڳو پارٽي تي پابندي لڳائڻ مسئلو ناهي، سوشل ميڊيا کي يورپ ۽ چين ۾ ريگيولر ڪيو پيو وڃي ۽ هتي به ريگيولر ٿيڻ گهرجي.بچاءَ واري وزير چيو ته سوشل ميڊيا جي هر هنڌ نگراني ڪئي پئي وڃي، سوشل ميڊيا تي ماڻهن کي بغاوت تي ڀڙڪايو پيو وڃي.سندس چوڻ آهي ته رياست کي انساني اسمگلنگ خلاف پوري قوت سان ڪارروائي ڪرڻي پوندي، سعودي عرب ۾ منشيات جي سزا موت جي سزا آهي، ماڻهو اڄ به منشيات فروشن ڪن ٿا، انساني اسمگلنگ کي روڪڻ لاءِ لاڳاپيل ادارن کي ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.مسلم ليگ ن جي اڳواڻ چيو ته اليڪشن ۾ ڪا به رنڊڪ ناهي ۽ اليڪشن وقت تي ٿيندي، نواز شريف سان وڏو ظلم ڪيو ويو، پٽ کان پگهار نه وٺڻ تي کيس نااهل ڪيو ويو ۽ جيل ۾ وڌو ويو.وفاقي وزير جو چوڻ آهي ته پاناما ڪيس ۾ 400 کان وڌيڪ پاڪستانين جا نالا آهن. نواز شريف جو نالو به نه هو، مٿس ڪيس هليو ويو، کيس ڪوڙو ڪيس داخل ڪري نااهل ڪيو ويو، اهو سڀ کان پهريان حل ٿيڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو