شهرن مان پاڻي ڪڍو، عملي جون موڪلون رد، ڪاروائي جو چتاءُ

گهوٽڪي/ ميرپور(نمائندن وٽان) موڪل تي ويل عملدارن جون موڪلون رد، هنگامي بنيادن تي پاڻي ڪڍڻ جا حڪم نامه جاري، ڪوتاهي تي سخت قدم کڻڻ جو چتاءُ، ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي ليفٽيننٽ رٽائرڊ محمد خالد سليم  چيو آهي ته ضلعي جي  سمورن شهرن مان برساتي پاڻي فوري طور تي نيڪال ڪيو وڃي ان سلسلي ۾ ڪنهن به قسم جو عذر قبول نه ڪيو ويندو ڇو ته برسات سبب شهرن ۾ پاڻي بيهجي وڃي ٿو جنهن ڪري شهرين کي شديد مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن انڪري برسات جو پاڻي فوري طور نيڪال ڪرڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم کنيا وڃن ان سلسلي ۾ جنريٽر توڙي پاڻي ڪڍڻ وارا پمپ پڻ فعال ڪيا وڃن ته جيئن لوڊشيڊنگ جي صورت ۾ به پاڻي نيڪال ڪرڻ وارو عمل جاري رهي سگهي ڇو ته بيٺل پاڻي سبب زندگي جو ڪارونهوار متاثر ٿي رهيو آهي. هن چيو ته قدرتي آفتن جي نقصانن ۽ مشڪلاتن کان بچڻ لاءِ اڳواٽ انتظام ۽ احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ انتهائي ضروري آهن انڪري عوام کي به گهرجي ته هو برسات دوران بجلي جي ٿنڀن کان پري رهي جڏهن ته برسات ۾ گهمڻ يا وڻن خاص ڪري ٻٻر جي وڻ هيٺان ويهڻ کان به پاسو ڪيو وڃي ڇو ته اڪثر ٻٻرن تي وڄ ڪرندي آهي. هن پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ ۽ ميونسپل آفيسرن کي سختي سان هدايت ڪئي آهي ته لاڳاپيل صفائي عملي جون موڪلون رد ڪري کين الرٽ رکيو وڃي ته جيئن شهرن مان پاڻي نيڪال ڪري سگهجي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو