شرپسندن تلاء ۾ زهر اڇلائي ويا،لکين روپين جو نقصان

خيرپورناٿن شاهه (رپورٽ برڪت علي چانڊيو )خيرپورناٿن شاهه ڀرسان نامعلوم شرپسندن پاران تلاء ۾ زهر اڇلائي ويا، مختلف قسمن جي مڇي مري وئي، تلاء مالڪ کي لکين روپين جو نقصان رسيو آهي،خيرپورناٿن شاهه تعلقي جي گوزو شهر ڀرسان غلام ياسين ملاح جي مڇي جي تلاء ۾ نامعلوم شرپسندن پاران زهر اڇلائي ويا جنهن سبب تلاء ۾ موجود مختلف قسم جي مڇي جهڙو ڪرڙو، گلفام، گراس، موراکو، ٿيلهي سميت ٻين قسمن جي مڇي وڏي مقدار ۾ مري وئي جڏهن ته تلاء ۾ بيهاريل مڇي جو ٻيجارو به مري ويو آهي، تلاء مالڪ کي لکين روپين جو نقصان پهتو آهي، رابطي ڪرڻ تي فش فارم مالڪ غلام ياسين ملاح ٻڌايو ته ڪنهن سان به ذاتي دشمني ناهي، نامعلوم جوابدارن منهنجي تلاء ۾ زهريلي دوا اڇلي ويا آهن جنهن سبب مونکي 20 لکن روپين جو نقصان پهتو آهي، هن مطالبو ڪندي چيو ته  ڊي آئي جي حيدرآباد، ايس ايس پي دادو ۽ وس وارن کان واقعي جو نوٽيس وٺي شفاف جانچ ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪري مون کي انصاف فراهم ڪيو وڃي

پهنجو تبصرو موڪليو