شريف خاندان ۾ ڏار جا خواب ڏسندڙن کي مايوسي ملندي،مريم نواز

لاهور (ويب ڊيسڪ) پي ڊي ايم جو مستقبل روشن آهي ۽ پهرين جيان پنهنجي جاءِ تي بيٺل آهي، نواز ليگ ۽ شريف خاندان ۾ ڏار وجهڻ جا خواب ڏسندڙن کي ٻيهر مايوسي ملندي، نواز ليگ جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز ڪراچي جو رٿيل دورو ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته اين اي 249 تي پارٽي اُميدوار مفتاح اسماعيل جي حمايت ۾ مهم هلائڻ لاءِ ڪراچي اچڻو هو، ڪورونا صورتحال ۾ عوامي زندگي کي نظر ۾ رکندي دورو ملتوي ڪيو، هن چيو ته حڪمرانن عوام کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، ڪراچي جي عوام کي اپيل آهي ته نواز ليگ اميدوار مفتاح اسماعيل کي ووٽ ڪري، نواز شريف پنهنجي حڪومتي دور ۾ ڪراچي ۾ مڪمل امن ڪرايو هو، ڏوهارين جو خاتمو آندو.

پهنجو تبصرو موڪليو