شاهين جون ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ 100 وڪيٽون مڪمل

ڪولمبو (ويب ڊيسڪ)شاهين شاهه آفريدي گال ٽيسٽ ميچ جي پهرين ئي سيشن ۾ وڪيٽ وٺي ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ 100 وڪيٽون مڪمل ڪري ورتيون.سريلنڪن بيٽسمين مدوشڪا شاهين آفريدي جو 100 هون شڪار بڻجي ويو جڏهن ته فاسٽ بالر سرفراز احمد هٿان ڪيچ آئوٽ ٿي ويو.شاهين آفريدي 100 ٽيسٽ وڪيٽون مڪمل ڪندڙ 19 هون پاڪستاني رانديگر بڻجي ويو آهي.فاسٽ بالر 26 ٽيسٽ ميچن ۾ 100 ٽيسٽ وڪيٽون جو سنگ ميل عبور ڪري چڪو آهي.پاڪستان جي مشتاق احمد ۽ عمران خان به 26 ٽيسٽ ميچن ۾ 100 وڪيٽون مڪمل ڪيون.

پهنجو تبصرو موڪليو