شاهينن اڄ کان آڪلينڊ ۾ ٽريننگ شروع ڪري ڇڏي

آڪلينڊ (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم نيوزيلينڊ خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ اڄ کان آڪلينڊ ۾ ٽريننگ شروع ڪندي.پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ 5 ميچن تي ٻڌل ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل سيريز 12 کان 21 جنوري تائين نيوزيلينڊ ۾ کيڏي ويندي.سيريز جي پهرين ميچ جمعي تي آڪلينڊ ۾ کيڏي ويندي، شاهين آفريدي قومي ٽيم جي قيادت ڪندو جڏهن ته محمد رضوان کي نائب ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي.واضح رهي ته آسٽريليا پاڪستان کي 3 ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ وائيٽ واش ڪري ڇڏيو، پاڪستان آسٽريليا کي لڳاتار 17هين ٽيسٽ ميچ ۾ شڪست ڏني هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو