شاهه جي ضمانت واري درخواست جي ٻڌڻي وري ملتوي

سکر( جئيرام داس )پاڪستان پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه سميت 18 ماڻهن خلاف نيب پاران هڪ ارب 23 ڪروڙ رپين جي مبينه ڪرپشن واري ڪيس جي ٻڌڻي سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ ٿي. جنهن ۾ خورشيد احمد شاهه جي وڪيل مڪيش ڪارڙا ۽ نيب پراسيڪيوٽر عدالت ۾ دليل ڏنا.ٻڌڻي دوران ايم پي اي فرخ شاهه ۽ صوبائي وزير سيد اويس قادر شاهه به عدالت ۾ موجود هئا. ضمانت واري درخواست جي عدالت وڌيڪ ٻڌڻي 14 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي. واضح رهي ته سيد خورشيد احمد شاهه گذريل اٺن مهينن کان نيب حراست ۾ آهي ۽ هن وقت NICVD اسپتال ۾ سيد خورشيد شاهه جو علاج هلندڙ آهي نيب سکر پاران سيد خورشيد شاهه ۽ سندس پٽن سيد فرخ شاهه، سيد زيرڪ شاھ ٻن گهر وارين ۽ سندس ناٺي صوبائي وزير سيد اويس قادر شاهه سميت 18 ڄڻن خلاف هڪ ارب 23 ڪروڙ رپين جي ڪرپشن جو ريفرنس داخل ڪيل هو.

پهنجو تبصرو موڪليو